پوليس جي موجودگي ۾ ڏوهه قبولڻ جي ڪا اهميت ناهي: بابر اعواڻ

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته شهباز گِل کي قيد ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پوليس جي موجودگي ۾ ڏوهه قبولڻ جي ڪائي اهميت ناهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته شهباز گِل تي ڪسٽوڊيل ٽارچر ٿي رهيو آهي، سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪئين کيس پسٽل جا بٽ هنيا ويا، عدالت ۾ به شهباز گِل قميض مٿي ڪري تشدد جا نشان ڏيکاريا هئا.

بابر اعواڻ جو چوڻ آهي ته آئين جي آرٽيڪل 14 ايف کي به پائمال ڪيو پيو وڃي، اسپتال کي به ٿاڻو بڻايو ويو آهي ۽ ڪنهن کي به شهباز گِل سان ملڻ نه پيو ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.