لاهور هاءِ ڪورٽ وزيراعظم ۽ سندس ٽيم کي وڏو رليف ڏئي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عندليب عباس طرفان وزيراعظم شهباز شريف ۽ وزيرن جي نااهلي لاءِ داخل درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي.

اشتهاري جوابدارن سان ملاقات تي شهباز شريف ۽ وزيرن جي نااهلي لاءِ عبدليب عباس جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.

جسٽس شاهد وحيد درخواست گذار جي وڪيل اسد منظور کان سوال ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ڪهڙي اختيار تحت وزيراعظم کي نااهل ڪري سگهي ٿي، جنهن تي وڪيل چيو ته مونکي ان لاءِ وقت ڏنو وڃي.

جسٽس وحيد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان کي وقت کپي، توهان موڪلن دوران ڪيس ڪري ڇڏيو پر تياري نج ڪئي، توهان موڪلن دوران آفيس تي زور وڌو ته اها پٽيشن لڳرائي آهي پر توهان کي خبر ئي ناهي ته ڪهڙي قانون تحت وزيراعظم يا وزيرن کي اليڪشن ڪميشن نااهل ڪري سگهي ٿي.

درخواست گذاري جي وڪيل اسد منظور بٽ عدالت کان استدعا ڪئي ته کيس ٿورو وقت ڏنو وڃي، درخواست ۾ ترميم ڪري ٻيهر داخل ڪنداسين.

جسٽس شاهد وحيد رمارڪس ڏنا ته بهتر ائين ٿيندو ته توهان درخواست واپس وٺي ان ۾ ترميم ڪري ٻيهر داخل ڪيو، توهان اصيل کي گائيڊ ڪرڻ کانسواءِ عدالت ۾ وٺي ايندا آهيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ عندليب طرفان اپيل واپس وٺڻ جي بنياد تي درخواست خارج ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.