پيٽروليم اگهن ۾ هيلوڪي واڌ جنهن سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو

عوامي سطح تي ڪجهه ڏينهن اڳ پيٽروليم جي وڌايل اگهن تي جيڪا شديد مايوسي ظاهر ڪئي آهي سا واقعي به اچرج جوڳي آهي ۽ ان حيرت جا ڪيترائي پاسا آهن. هن ڀيري واري واڌ جو سڀ کان حيرت جوڳو پاسو اِهو آهي ته هي پهريون دفعو آهي جو اوگرا وزيراعظم ڏانهن پيٽرول في ليٽر 18 روپيا گهٽائڻ جي سمري موڪلي ۽ وزير اعظم ان جي ابتڙ وري پيٽروليم جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن جنهن عمل تي رڳو مخالف ڌر ئي نه پر خود مسلم ليگ ن جو سربراهه نواز شريف ۽ مريم نواز به شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ته جڏهن عالمي منڊي ۾ پيٽروليم جا اگهه لاڳيتو گهٽجي رهيا آهن ته حڪومت کي ڪهڙي مجبوري هئي جو ان اگهه گهٽائڻ بجائي ويتر وڌائي ڇڏيا آهن. ائين پ پ جي سربراهه آصف علي زرداري به فيصلي کي ننديندي چيو آهي ته اتحادي حڪومت طور اسان کان به مشورو وٺڻ گهرجي ها ڇاڪاڻ ته اسان اصل ۾ عوام کي رليف ڏيڻ آيا آهيون. ائين ايم ڪيو ايم ۽ ٻين اتحادي جماعتن به پيٽروليم جا اگهه گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. رپورٽون آهن ته پيٽروليم جا اگهه گهٽائڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

مطلب ته پيٽروليم جي اگهن ۾ هيلوڪي واڌ معمي سان گڏ تڪراري حيثيت اختيار ڪري وئي آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته موجوده پاليسي آخر ڪير ٿو طئي ڪري. خود حڪومت اندر ان حوالي ۾ ٻه رايا آهن. پارٽي جي هڪڙي حلقي جو چوڻ آهي ته سينئر معاشي ماهر ۽ ناڻي جي اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار جي تجربي مان مفتاح اسماعيل کي فائدو وٺڻ گهرجي جڏهن ته حڪومتي ٽيم جو چوڻ آهي ته لندن ۾ ويٺل ٽيم کي هتان جي زميني حقيقتن جي خبر ناهي يا ته هتي اچي پاڻ معاملا سنڀالين ان معاملي تي رپورٽون آهن ته نواز شريف ناراض ٿي اجلاس مان اٿي ويو.

سو پيٽروليم ۽ معاشي پاليسي جي معاملي ۾ عام تاثر اهو آهي ته موجوده معاشي پاليسي اصل ۾ آءِ ايم ايف جي طئي ٿيل آهي ۽ ان جي چوڻ تي ئي عالمي منڊي ۾ پيٽروليم جي اگهن جي لاڳيتي واڌ باوجود پيٽرول جا اگهه وڌايا ويا آهن ۽ ناڻي جي موجوده وزير مفتاح اسماعيل ته سيپٽمبر ۾ به 10 رپيا في ليٽر وڌائڻ ۽ وڌيڪ مشڪل فيصلن جو خطرو ٻڌايو آهي.

اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته جنهن جي روايت پڻ موجوده حڪومت وڌي آهي سا اها ته هاڻي پيٽرول جا اگهه رات جو ياريهن ۽ ٻاريهن وڳي ٻڌايا وڃن ٿا ۽ پيٽرول پمپ وارا تيستائين پنهنجا پمپ بند ڪري ٿا ڇڏين ته جيئن بچيل پيٽرول وڌيل اگهه تي وڪرو ڪري سگهجي.

هوڏانهن ناڻي جو وفاقي وزير اها به خوشخبري ٻڌائي ٿو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام تي جلد عمل ٿيندو پر سوال اهو آهي ته ان ۾ عوام لاءِ ڪهڙي خوشخبري آهي. آءِ ايم ايف جون سڀ شرطون ته عوام جي ڳچي ۾ پون ٿيون، ان کي ته ڪو رليف ملي ئي نٿو جڏهن ته ساڳي وقت حڪومت اها به دعويٰ ڪري رهي آهي ته ملڪ معاشي بحران مان نڪري ويو آهي ته پوءِ غريب عوام کي آخر رليف ڪڏهن ملندو؟

اها به حقيقت آهي ته انهن ڏکين فيصلن سان خود حڪومت کي سياسي طور تي وڌيڪ نقصان رسي ٿو ۽ ان سان پي ٽي آءِ جي مهانگائي خلاف مهم کي وڌيڪ مقبوليت ملي ٿي پر پوءِ به حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن ته موجوده حڪومت پاڻ چوندي رهي آهي ته بس ٽي مهينا ڏکيا آهن پوءِ عوام کي رليف ملندو سو اسان سڀ ان رليف جي اوسيئڙي ۾ ويٺا آهيون.

موسمن جي تبديلي موجب عوام کي تيار ڪرڻ جي ضرورت

 

موسمن ۾ ٿيندڙ ڦير ڦار واري کاتي جي سيڪريٽري خبردار ڪيو آهي ته سمنڊ 36 کان 50 سينٽي ميٽر بلند ٿي سگهي ٿو ۽ جنھنڪري وڏا وڏا شهر ٻڏي ويندا،سينيٽ جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ موسمياتي تبديلي واري سيڪريٽر آصف حيدر شاهه اھڙي  بريفنگ ڏني .اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفيٽننٽ جنرل اختر نواز بريفنگ ۾ٻڌايو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تيز برساتون ٿي رهيون آهن، اترين علائقن ۾ گليشيئر ڦاٽڻ جا 18 واقعا ٿي چڪا آهن.اجلاس ۾اھو بھ  ٻڌايو ويو ته 10 لک ماڻهو دريائن جي ڪنارن تي رهن ٿا، جيڪي لڏ پلاڻ لاءِ تيار ناهن ، جنهن سبب نقصان ٿيندو آهي. اجلاس کي اھ بھ ڄاڻ ڏني وئي تھ  پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ٿي سگهي ٿي.

وفاقي وزير شيري رحمان موجب موسميات کاتو سول ايوي ايشن جي ماتحت آهي ۽ هو صرف وارننگ ڏيندو آهي، اصل ۾ صوبن اندر پلاننگ جي کوٽ آهي ھن اھو بھ چيو تھ  موسم تي ڪنهن جو به ڪنٽرول نه آھي.ٻئي طرف ڪي ٽريڊ سيڪيورٽيز نالي ھڪ اداري پاران رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي  ته موسمي تبديلي سماج ۽ معيشت جي هر پهلو تي اثرانداز ٿيندي. پاڻي جي کوٽ سبب مهانگائي بلند سطح تي برقرار رهندي، جنهن سان ڊگهي وقت تائين سياسي بي يقيني جاري رهندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته سيڙپڪاري ۽ رٿابندي  جي عمل ۾ موسم ۾ آيل  تبديلي تي غورڪرڻ  جي ضرورت آهي.رپورٽ مطابق ملڪ ۾ ايندڙ 10 سالن ۾ زراعت جي لاڙن ۾ تبديلي ايندي، وڌيڪ پاڻي وارن فصلن جي پوکي گھٽجي ويندي.ان ڪري کاڌي پيتي ۽ غذا وارن شين توڻي عمومي روين ۽ عادتن ۾ فرق ايندو. رپورٽ موجب وڏو اثر عام واهپي جي شين جي اگهن تي پوندو جيڪي مهانگيون ٿي وينديون.

سموري دنيا ۾ ھن وقت موسم ۽ماحوليات دنيا جا اھم موضوع آھن، بدقسمتي سان اسان وٽ انھن تي گھٽ غور ڪيو وڃي ٿو، ھاڻي جڏھن ان جا اثر ظاھر ٿيڻ شروع ٿيا آھن تھ ھڪ پاسي کان واويلا لڳي پئي آھي، اميد تھ سرڪار ھنن اھم پاسن ڏانھن ڌيان ڏيندي،جديد تحقيق ۽ کوجنا موجب مستقبل جي خطرن کي نظر ۾ رکندي انھن جي تدارڪ ۽توڙ لاءِ اثرائتا پروگرام تيار ڪندي جئين بدلجندڙ ماحول ۽ موسم موجب عوام کي تيار ڪري سگھجي،نيئن حالتن سان مقابلو ڪرڻ ممڪن بڻجي سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.