ڪامريڊ نذير عباسيءَ سان گهاريل گهڙيون

صادق گهمرو

ٻيو ۽ آخري حصو

4 فيبروري 1978ع تي ڪامريڊ نذير عباسيءَ جي شادي ڪامريڊ چاچي محمد هاشم گهانگهرو جي نياڻي ڪامريڊ حميده گهانگهرو سان محراب پور ۾ ٿي رهي هئي.مهمانن کي رهائڻ لاءِ بندوبست ٿيل هو. مون کي تعجب ٿيو جو جيڪو به ڄاڃي آيو پي اهو انقلابي نعرا هڻندو پي آيو ۽ ڪم ۾ لڳي پي ويو. شادي نه هئي ڄڻ انقلابين جو جلسو هيو. شام تي نڪاح جون تياريون شروع ٿيون. ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري جي ٻن نياڻين ڪامريڊ حميده گهانگهرو جي شادي ڪامريڊ نذير عباسيءَ سان ۽ ڪامريڊ زبيده گهانگهرو جي شادي جيڪي سکر ۾ رهندا هيا پنهنجي مائٽ سان طئي ٿيل هئي.

مولوي صاحب ڪتاب سوڌو پهچي ويو هيو،  وڪيل ۽ شاهد مقرر ڪيا ويا ۽ گهر موڪلڻ لاءِ تياريون ڪري رهيا هئا ته ايتري ۾ ڪامريڊ محمد هاشم اچي ويو ۽ چيائين ته شاهد ۽ وڪيل اٿي بيهن مان نياڻين کي هتي وٺي ٿو اچان ته پنهنجن مڙسن کي سڀني جي آڏو قبول ڪن. منهنجي لاءِ اهو وڏو مثال هو جو عورت مڙس جي ۽ ڄاڃين جي روبرو اقرار ڪري. ڪامريڊ محمد هاشم گهر ويو ۽ ٻنهي نياڻين کي وٺي آيو.

نڪاح پڙهيو ويو ڪامريڊ ساٿي گيت ڳائي ۽ نعرا هڻي رهيا هئا. ”تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي ڄام ساقي ڄام ساقي، هارين جو ساٿي ڄام ساقي، مزدورن جو ساٿي ڄام ساقي شاگردن جو ساٿي ڄام ساقي“ نڪاح کانپوءِ ماني کارائي وئي.

ڪامريڊ نذير عباسيءَ جي شاديءَ ۾ سندس امڙ ۽ ڀيڻ آيل هيون باقي سندس والد يا ڀاءُ ڪو مٽ مائٽ ڪونه آيو هو. اها ڳالهه ڪامريڊ غلام رسول سهتي ٻڌائي هئي. مانيءَ کان پوءِ ساٿي سڀ گڏ ٿيا ۽ گيتن ڳائڻ جو دور شروع ٿيو. پهريائين ڪامريڊ منصور ميراڻي گيت ڳائڻ شروع ڪيو جنهن جا ٻول هئا.

”جنگ ڇا ڏنو آ، لاشا هزارين“

هي گيت منصور ميراڻيءَ فلسطين جي جنگ تي لکيو هيو، جنهن تي ڪامريڊ نذير عباسيءَ، منصور ميراڻي کي چيو ته ڪامريڊن جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن خوشيون اينديون آهن ان ڏينهن ته لاشن جو ذڪر نه هجي. ڪامريڊ نذير، شاديءَ واري ڏهاڙي ٻهڪيو پئي. ٻن پيار وارن جي شادي هئي، ٻن انقلابين جي شادي هئي. مان کيس گهڻو خوش ڏٺو. ابراهيم منشي سڄي رات گيت ڳائي محفل کي گرمائي ڇڏيو.

ان شادي ۾ جيڪي ساٿي آيل هئا انهن مان ڪجهه نالا مون کي ياد آهن، ڪامريڊ چاچو شاهه محمد دراني، سرفراز ميمڻ جيڪو هينئر جرمني ۾ رهي ٿو. ڪامريڊ محمد صالح بلو، صفت رند، سيد شاڪر شاهه، امر لال، ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش، امداد چانڊيو ۽ ڪجهه بلوچستان جا ساٿي ڏسڻ ۾ آيا. صبح جو رخصتي کان اڳ ۾ مان ڳوٺ هليو آيم جو مون کي نوڪريءَ پهچڻو هيو.

21.3.79 تي ڪامريڊ نذير عباسي(مشتاق شاهه اهو روپوشيءَ جو نالو هيس) ۽ گهنشام پرڪاش (عبداللطيف پيرزادو سندس روپوشيءَ جو نالو هيس) مون (صادق گهمري) وٽ پير جو ڳوٺ آيا. مان کين رئيس شرف الدين جاگيراڻي جي اوطاق تي وٺي آيم. اها اوطاق ڌيءَ فهميده شرف بلوچ جي والد صاحب جي هئي جتي مان به رهندو هيم.  تڏهن فهميده شايد ٽيون درجو پڙهندي هئي، ڪامريڊ نذير عباسيءَ سان رئيس شرف الدين جي ڪچهري ٿي، استاد يوسف جاگيراڻيءَ ۽ کبڙ ٿيٻو جيڪو عضون کان جڏو هو ان سان به ڪچهري ڪيائين. ان کانپوءِ ڪامريڊ غلام رسول سهتو، مير ٿيٻو آيا جن سان گڏ ڪامريڊ ڌڻي بخش ڀنڊ جي درزڪي دڪان تي آياسين، ڪامريڊ ڌڻي بخش ڀنڊ نورل جي گهر واري جي ماڙيءَ تي وٺي ويو جتي ڪامريڊ نذير عباسي پير جو ڳوٺ جي سياسي صورتحال ۽ تنظيم بابت ڪچهري ڪئي. ڪامريڊ غلام رسول سهتي، ڪامريڊ نذير عباسيءَ کي چيو ته پير جو ڳوٺ جا دوست ڪم ڪونه ٿا ڪن جنهن تي ڪامريڊ نذير عباسيءَ ڪامريڊ سهتي کي ڇنڊ پٽي ته هنن ساٿين کان اڳ ۾ تون هت ايندو هئين؟ توکي چندو ملندو هيو؟ ڪا ويهڻ جي جڳهه هئي؟ هينئر توکي چندو به ملي ٿو، رهائش ملي ٿي، مان روپوش آهيان (جاسوس) منهنجي ڪڍ آهن، پر هتي مان بي خوف آيو آهيان. ڪا ته اهڙي جڳهه هجي جتي اسان آرام ڪري سگهون. پير صاحب پاڳاري جي شهر ۾ هي ساٿي ڪم ڪن ٿا کين جس هجي، ڪچهريءَ کانپوءِ موڪلائي هليا ويا.

19.2.80 تي مشاق شاهه (ڪامريڊ نذير عابسي) کي ڪامريڊ غلام قادر (منصور ميراڻي) مون وٽ صبح جو وٺي آيو ۽ ڪامريڊ نذير ٿڪل ٿڪل پي لڳو. مان کيس رئيس شرف الدين جاگيراڻيءَ جي اوطاق تي وٺي ويس. ڪامريڊ نذير مونکي چيو ته ڪامريڊ مون کي ننڊ ڪرڻي آهي، مان تقريبن هفتي کان ننڊ نه ڪئي آهي جو (جاسوس) منهنجي ڪڍ آهن. مان کيس چيو ته ڪامريڊ ماني ته کائيندئو! چيائين ته مانيءَ وقت اٿارجو. ڪامريڊ نذير 19.2.80 تي صبح جو ستو ۽ 20.2.80 جي شام جو اٿيو. تڙ ڪري فريش ٿيو. ان کانپوءِ چيائين ته منهنجو هتي انجنيئر محمد امين سولنگي  دوست آهي ان ڏانهن ويندس. مان انجينئر محمد امين سولنگيءَ کي ڪو نه سڃاڻيندو هيس. ڪامريڊ نذير کي ڪامريڊ ڌڻي بخش جي دڪان تي وٺي آيس جتي اسان جو دوست استاد محمد پريل (منير سولنگي) اديب، شاعر ويٺو هيو. ان کان انجنيئر محمد امين سولنگيءَ جي معلومات ڪئي سين. چيائين ته ان جو گهر ڪوٽ پل تي آهي. مان کيس چيو ته سائين مشتاق شاهه ساڻس ملڻ ٿو چاهي. چيائين ته مان به ڪوٽ پل تي وڃان ٿو اتي استاد احمد بخش سولنگي سان ملڻو آهي سائين کي مان وٺي ٿو وڃان. اها ڪامريڊ نذير عباسيءَ جي مون سان آخري ملاقات هئي.

ٻئي ڏينهن تي استاد منير سولنگيءَ ٻڌايو ته انجنيئر محمد امين سولنگي ڪراچيءَ کان ڪونه آيو هو جيڪو ڪراچي ۾ ڪي اِي ايس سي ۾ انجنيئر هيو. باقي ٻڌايائين ته سڄي رات سياسي ڪچهري ٿي، سائين کي وڏي ڄاڻ هئي رات استاد احمد بخش سولنگيءَ وٽ رهياسين، صبح جو سائين موڪلائي هليو ويو. ان کانپوءِ ساڻس ڪو به رابطو نه ٿيو 10.8.80 تي بي بي سي جي خبرن ۾ ٻڌو سي ته ڪامريڊ نذير عباسيءَ کي ضياءَ جي فوجي حڪومت ۾ ٽارچر ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. خبر ٻڌڻ سان اکين مان نير وهڻ شروع ٿي ويا.

استاد منير سولنگيءَ کي جڏهن ٻڌايم ته اوهان جنهن مشتاق شاهه کي ڪوٽ پل تي ويٺي ويا هئا اهو مشتاق شاهه نه هيو پر اهو ڪامريڊ نذير عباسي هيو جنهن کي شهيد ڪيو ويو آهي. استاد منير سولنگيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ چيائين ته يار اوهان جيڪر ٻڌايو ها ته ايڏو وڏو ليڊر اسان سان رهيو ۽ خبر نه پئي. اوهان ٿورو ٻڌايو ها ته سندس سٺي خدمت ڪيون ها.

جنهن پلنگ تي ڪامريڊ نذير عباسيءَ ننڊ ڪئي هئي، رئيس شرف الدين ان پلنگ تي شهيد جا اسٽيڪر هڻي ڇڏيا هئا ۽ هر هڪ  کي اهو پلنگ ڏيکاريندو هيو. اها ڳالهه مون کي ڪامريڊ امير بخش لاشاريءَ ڪئي ته رئيس شرف الدين مونکي اوطاق تي وٺي اهو پلنگ ڏيکاريو ۽ اهي اسٽيڪر لڳل ڏيکاريا.

ڌيءَ فهميده شرف بلوچ ٻڌايو ته شهيد نذير عباسيءَ جي ڊائري اوطاق ۾ رهجي وئي هئي جيڪا سندس گهر ۾ موجود آهي. مان (صادق) کيس چيو ته ڌيءَ اها ڊائري ڏي، ڇو جو اها ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سينٽرل ڪميٽيءَ جي ميمبر جي آهي. جيڪا هڪ تاريخ آهي. پر اها ڊائري نه ملي، ان ڪري جو ڌيءَ فهميده ڪراچي ۾ رهي ٿي. اهي يادگيريون، ڪامريڊ شهيد نذير عباسيءَ گهاريل گهڙين جون آهن، مان ڊائري لکڻ 1979ع ۾ شروع ڪئي. ان کان اڳ صرف يادگيرين تي ٻڌل ڳالهيون آهن.

(ليکڪ، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ضلعو، خيرپور ميرس سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري آهي)

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.