معاشي حالتون ۽ حڪمرانن جا رويا

رياض ابڙو 

هر دفعي عوام جي اها ئي خواهش هوندي آ ته هاڻوڪو ويٺل حڪمران لهي وڃي ۽ پوءِ جيڪو به اچي پر هن مان گھٽ ۾ گھٽ جان ڇٽي، وري جيڪو به ويهي پوءِ جي اهو به مهانگائي ٿو ڪري ته اهو به وڃي وري ٻيو اچي، هاڻي اسٽبلشمنيٽ وٽ ڪا به فيڪٽري ته ناهي جنهن مان فرمائش تي حڪمران ٺهن يا مرضي جا وزيراعظم بڻجي اچن يا اهڙي ڪا آوي آ جنهن مان حڪمران پچي نڪرن جن مان عوام جي دردن جي درمان جي اميد ڪري سگهجي، ان ڪري عوامي سياسي پارٽيون ئي پنهنجن مفادن جي جنگ عوام جي ڪلهن تي بندوق رکي لڙي سگهن ٿيون جيڪي هاڻي وري اتفاق سان سڀ مرڪز ۾ ويٺيون آهن پوءِ وڙهي ڪير؟

اها ڳالھه به هئي ته هيءَ سرڪار (شهبازسرڪار) ايندي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح گھٽ ٿيندي ۽ روزگار جا وسيلا کڻي ايندي، هيءَ سرڪار ايندي ته ملڪ ۾ خوشحالي کڻي ايندي، هي سرڪار ايندي ته پيٽرول جون قيمتون گھٽائيندي، هيءَ سرڪار ايندي ته آءِ ايف ايم جي چنبي مان ملڪ کي ڇڏائيندي، پر ڪن ڪجهھ به نه ٿا ۽ رهندو ڪندو عوام کي چريو ٿا ڪن ته آءِ ايم ايف هيئن ٿي چئي يا هونئن ٿي چئي يا هاڻي آءِ ايم ايف چئي ٿي ته پيٽرول ڀلي گھٽايو، يا آءِ ايم ايف جي هٿ وس ناهي ته اهي اسان جهڙي ملڪ جي مٿان اهڙو پريشر رکن ته پيٽرول، گيس ۽ بجليءَ جون قيمتون وڌايو.

پهرين پاڻ چوندا هيا ته آءِ ايم ايف جو پريشر آ ته يوٽلٽي چارجز وڌايو وري هاڻي ٻيو بيان ٿا ڏين پوءِ منحرف ڪير آ حڪمران يا آءِ ايم ايف، يا جي آءِ ايم ايف هنن تي زور بار نه ٿي رکي يا جي حڪمران آزاد ناهن ته پوءِ حڪمران ڪهڙي مرض جي دوا آهن، حڪمرانن جي پنهنجي حڪمراني يا حڪومتي رِٽَ ڪهڙي ڪم جي آ، جنهن ۾ هر ڪم آءِ ايم ايف کان پڇي ٿا ڪن، هنن کي ڪجھه نه ٿو اچي يا ان ڳالهھ جا اهل ئي ناهن ته حڪومتون ڪيئن ڪجن يا معاشي فيصلا ڪيئن ڪجن يا معيشت جا سڌارا ڪيئن ممڪن ڪجن، هنن حڪمرانن ۾ فيصلي جي سگھه ناهي يا جي اٿن ته رڳو اها اٿن ته پيٽرول جا اگھه ڪيئن ۽ ڪيترا وڌائجن يا گھٽائڻ مهل اهي آءِ ايم ايف ڏي مهڙ ڪري ٿا ويهن پوءِ جيئن آءِ ايم ايف چئي تيئن ڪندا ويندا، اها سگهھ ڪونهين رهي ته فيصلو ڪيئن عوام جي حق ۾ ڪجي، عوام کي ڪيئن فائدو ڏجي، عوام جي حق تلفي نه ڪجي ان ڪري ته فيصلي جي قوت جنهن ۾ نه هجي يا جيڪي حڪمران ان سگهھ کان وانجهيل هجي ته پوءِ انهن تي ڪهڙي ميار ڏجي.

جيڪڏهن شهباز جي حڪومت کي اهڙا ئي قدم کڻڻا آهن جيئن ماضي ۾ نون ليگ (1997 کان 1999) جو نعرو هيو ته ”قرض اتارو ملڪ سنوارو“ ۽ اها ڳالھه ڪري وري سڄي ملڪ مان چندو به گڏ ڪري ويا هئا ۽ ٻاهرين ملڪ مخير حضرات کان پئسا به وٺي ويا هيا (پر ڪين ڪجهھ به نه) ان ڪري هن شهبازسرڪار به پيٽرول جي مد ۾ ساڳو ڪم ڪري ڏيکاريو آ،

هڪ ٻي ڳالھه ته پيٽرول ۽ ڊيزل جو جيڪڏهن ويهي حساب ڪتاب ڪجي ته ملڪ جي روز جي کپت ۽ گهرج ساڍا پنج لک بيرل آهي يا جيڪو به گاڏين جو ٻارڻ يا فيول آهي يا سڀ امپورٽ سميت يا گهرو پيدوار سميت جيڪو ليٽرن ۾ ڪجي ته اهو 88 ملين ليٽر روز جي کپت ۾ ايندو ۽ ان تي جيڪڏهن حڪومت روپيو به ٽيڪس هڻي ته 88 ملين روز جي ڪمائي ڪري سگهي ٿي پر رڳو هڪ مهيني جي لاءِ پيٽرول 100 روپيا وڌي ته حڪومت جي کيسي ۾ هزارين ٽريلن روپيا پئجي ٿا وڃن جنهن سان اهي بجيٽ ڊيفيسٽ، ڪرنٽ اڪائونٽ جا خسارا، فارين رزروس ۽ قومي خزانا ڀري ٿا ڇڏن پر ابتو عوام کي چريو ڪري ٿا ويهن يا سمجهن ٿا هي عوام ان حڪمران وانگي آ جيڪو ماڻهن کي لائين ۾ بيهاري ٽيڪس به وٺندو هيو ۽ مارَ به ڏيندو هين پر بجاءِ جو عوام ڪجهھ ڪڇي، اهو عوام رڳو ٽائيم بچائڻ جي لاءِ اها فرمائش ضرور ڪندو هيو ته موچڙن وارا همراھ وڌايو، ان ڪري ته اسان وٽ ٽائيم ناهي يا اسان کي ڪجھ ٻيو ڪم ڪار به ڪرڻو هوندو آ، ساڳي ڪار هن اٻوجهھ عوام سان به آهي ته جڏهن پيٽرول وڌي ٿو ته پيٽرول پمپ تي لائين هڻي ٿا بيهن يا گاڏين جون ٽئينڪون ڀرائي فل ڪري پاڻ کي سياڻو ثابت ٿا ڪن يا سمجهن ٿا اڄ هنن پئسا بچائي ورتا آهن يا ڪيتري بچت به ڪري سگهيا آهن، پر ڪڏهن به روڊن تي نه ٿا نڪرن يا روڊ بلاڪ نه ٿا ڪن يا انهن وزيرن جي گهرن تي چڙهايون نه ٿا ڪن جنهن جي ڪري يا جن جي ڪري اها مهانگائي يا پيٽرول جون قيمتون وڌي وڻ ٿيون ٿين، يا جنهن پيٽرول جي وڌڻ جي ڪري ٻيون شيون به وڌن ٿيون يا عا واهپي جي شين جي وڌڻ کانپوءِ انهن جو گهٽجڻ ممڪن نه ٿو هجي ان ڪري شين جي پرائيس ڪير ڪنٽرول ڪري، يا ڪوالٽي ته کڻي چيڪ به ڪجي پر اگھن جي مارَ وري به عوام کي ٿي ملي ان ڪري عوام ۾ شعور جي کوٽ ضرور آ يا اهي سياسي پارٽيون پاڻ حڪمران جي ڪڇ ۾ ويٺيون رهن ٿيون ته پوءِ عوام جو آواز ڪير بڻجي، عوام ڪاڏي وڃي يا عوام جو ڇا ٿيندو؟ يا سول سوسائٽي به ڪنهن صورت نه ٿي نڪري يا ماڻهن کي جمع ڪرڻ جي ڳالھه به نه ٿي ڪري ان ڪري ته جيستائين اهي سياسي پارٽيون ووٽ جي چڪر ۾ نه ٿيون اچن يا اهي سياسي پارٽيون ووٽن جي سبقت حاصل ڪرڻ جي لاءِ سڀ مهانگاين جا حساب متاب ڪري سياست نه ٿيون ڪن تيستائين عوام به صبر ۾ آ، جنهن ۾ نقصان ڀلي عوام جو هجي پر عياشيون ته وري به اشرافيا جون ٿيون ٿين يا فائدا پوءِ به انهن جي کيسي ۾ ٿا پون.

سو پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون، فائدا يا رليف به نون ليگ جي کيسي ۾ آهن ان ڪري 17 جولاءِ واري اليڪشن تي انهن جو اثر پوڻو هيو (يا پئجي چڪو) يا شهبازسرڪار عوام کي ڏيکاري هڪڙو هٿ ٿي هڻي ٻيو ٿا وڃن مثال هنن (شهبازسرڪار) آهستي آهستي پي ٽي آءِ جي سرڪار کي گندو ڪري ڪري (جيڪا کڻي هئي به) پنهنجي مقصد جا ڪم ڪري ٿي وڃي يا اچڻ سان اموشنل بليڪ ميل به ڪن ٿا، هڪڙا سوشلزم جي ڳالھه ڪري اٽي، لٽي ۽ اجهي جي ڳالھه ڪري ووٽ وٺي عوام کي چريو ڪري ٿا وڃن يا ٻيا عوام کي لُٽي ڦري فقير ڪري هليا ٿا وڃن ته ٽيان ٿا اچن جيڪي وري ڪپڙن کپائڻ جي ڳالھه ڪري ماڻهن جي عقل کي وچڙائي تالا هڻي ٿا ڇڏن جو عوام وري ورهائجي ٿو وڃي، سمجهي ٿو ته اسان جي افعال ئي اهڙا آهن ان ڪري حڪمران به حلالي نه ٿا ملن ڇو ته جيستائين عوام جي ڀلي جي ڳالھه نه ٿي ڪجي، عوام جي جياپي جي ڳالھه نه ٿي ڪجي، جيستائين عوام جي بنيادي سهولتن جي ڳالھه نه ٿي ڪجي تيستائين سياست به ڪنهن ڪم جي نه ٿي هجي،

عوامي سياست ۾ ملڪ جي مفاد ۾ عوامي ليڊر اهو جيڪو ماڻهن جي ڀلي جا فيصلا ڪري، مثال جيڪو به ناڻي تي بار آ اهو اشرافيا جي پنهنجي عياشين جي ڪري آ، جيئن جيڪي به وزير آهن انهن کي مفت پيٽرول ۽ ڊيزل ملي ٿو جيڪو به اشرافيا سطح جو آفيسر بجلي يا گيس جي محڪمن ۾ ڪم ڪري ٿو انهن کي گيس ۽ بجلي جي ڇوٽ ملي ٿي جيڪو به پيٽرول ۽ ڊيزل جي ڪمپنين ۾ ڪم ڪري ٿو انهن کي مفت ۾ سڀ سهولتون ملن ٿيون ته پوءِ ادارا ڪمائن ڪيئن جو اشرافيا پاڻ ويٺي ٿي عياشيون ڪري، اشرافيا پاڻ ويٺي ٿي مفت جون مانيون کائي ته پوءِ عوام جو ڀلو ڪير ڪندو، يا مثال جي طور تي اشرافيا کان جي شهبازسرڪار رڳو هڪ ڏينهن جي پگهار ڪٽي يا وٺي يا ڪنٽريبيوٽ ڪرائي ته اها بجيٽ ڊيفيسٽ پورو ڪري سگهي ٿي مثال سڀني ملازمن جي پگهار جو ڪاٿو ڪجي ته اهو 245 بيلن بيهندو جيڪو رز جي حساب سان 833 ملين بيهندو يا جي شهبازسرڪار رڳو هڪ ڏينهن يا ڏيهاڙي جي حساب سان چندو وٺي ته اها پورت ڪري سگهي ٿي يا حڪمران رڳو پنهنجا خرچ کاٻار گھٽ ڪن ته به صحيح، يا دعوي ڪنهن جي صحيح آ، غلط اپوزيشن آ يا حڪومت آ، ان ڪري سياسي جي ميدان ۾ اڻ بڻت تمام گھڻي آ .

رياست جو هڪ چوڻ آ ته سياست ٻي ڳالھه ٿي ڪري يا ڪورٽن جا فيصلا به تڪراري ٿي ٿا وڃن اهو ان ڪري ته سرڪار جي لٽ ڦر به ان ريئل اسٽيٽ وانگي ٿي بيهي جنهن ۾ ماڻهو يا سيڙپڪار پاڻ پئيسا سيڙائي ويٺو ٿو روز روز گهر وڪڻي کپائي ۽ مهانگا ڪندو ٿو وڃي ته جيئن سڀاڻي غريب عوام جي وس جي ڳالھه نه هجي ته اهي ڪا جاءِ جڳهھ وٺي سگهن، ان ڪري حڪومت وٽ به پرائيس ڪنٽرول ناهي نه ئي اهي چاهن ٿا ته عوام کي ڪنهن رليف جي ڳالھه ڪجي پر اهو ضرور اٿن ته پيٽرول جي مهانگي ڪرڻ کانپوءِ عوام ۾ ان ڳالھه جي سرهائي آڻجي ته آهستي آهستي پيٽرول سستو ڪبو ۽ هڪ ڌڪ 85 روپيا وڌايل پيٽرول جي قيمت وري آهستي آهستي گھٽائي پاڻ کي سرخرو ڪندا ان ڪري جو ان کان وڌيڪ ٻي ڪا اٽڪل نه ٿي سُجهين جو عوام ۾ به سرخرو ٿجي ۽ خزانا به ڀرجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.