فيصل آباد ۾ انسانيت لڄي، بااثر پاران ڌيءُ جيڏي ناري جي تذليل

 فيصل آباد ۾ شادي کان انڪار تي نوجوان ڇوڪريءُ سان انسانيت سوز سلوڪ ڪيو ويو، ڇوڪري تي تشدد جي وڊيو منظر عام تي اچي وئي آھي، وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو تھ ڇوڪري کي تشدد بعد جوتا چٽرايا ويا آھن.

بااثر دانش شيخ ميڊيڪل جي شاگردياڻي کي شادي لاءِ هراسان ڪري رهيو هو. تشدد ۾ هڪ نوجوان عورت به شامل آهي، جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته اها دانش شيخ جي زال يا ڌيءُ آهي.

پوليس وڊيو سامھون اچڻ بعد ڇوڪري تي تشدد جو ڪيس داخل ڪري ورتو، ڇوڪري جو چوڻ آھي تھ ھُن جي دوست جو والد شادي لاءِ دٻاءُ وجھي رھيو ھو، انڪار تي تشدد ڪيو ويو.

ڇوڪري جو چوڻ ھو تھ مٿي جا وار، ڀرون ڪتريا ويا ۽ جوتا چٽڻ تي مجبور ڪيو ويو، ڇوڪري موجب ھن کي جنسي ھراسان بھ ڪيو ويو ۽ وڊيوز بھ ٺاھيون ويون.

پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي ۽ مرڪزي جوابدار سوڌو 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آھي. ذريعن موجب جوابدار ٺاهه ڪرائي معاملو لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

  • نوٽ هي خبر روزاني عوامي آواز خميس 18 آگسٽ 2022ع تي شائع ٿي 
You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.