پاڪ-ايران دوستي: ڪراچي ۾ سلمان فارسي پارڪ جو افتتاح

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ ايران جي پنجهتر سالن جي دوستي جي ڪاميابي تي ڪراچي ۾ سلمان فارسي پارڪ جو افتتاح ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي پنجهترين سال ۽ پاڙيسري ملڪ جي آزادي جي سالگرا جي موقعي تي ڪراچي ۾ سلمان فارسي پارڪ جو افتتاح ڪيو ويو.

ڪراچي ۾ ايراني قونصل خاني ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان قونصل خاني جي ويجهو واري پارڪ جو نالو سلمان فارسي رکيو ويو آهي.

پارڪ جي افتتاحي تقريب اڄ شام سنڌ حڪومت جي اعليٰ اختيارين ۽ ڪراچي ۾ ايران جي قونصل جنرل حسن نوريان جي موجودگي ۾ ٿي گذري.

سنڌ جي بلديات کاتي جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ايراني قونصل جنرل سان گڏجي پارڪ جو افتتاح ڪيو.

تقريب ۾ ڪراچي جون سياسي سماجي شخصيتون، ميڊيا ۽ ثقافتي شخصيتون پڻ شريڪ ٿيون ۽ پاڪستان ۽ ايران جي اڻٽٽ دوستي ۽ لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو.

جنرل نوريان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ايران ۽ پاڪستان جي مک جاين تي انهن جي اهم شخصيتن جي نالي ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي گهري دوستي جو ثبوت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.