ڪابل جي مسجد ۾ ڌماڪو، ڪيترائي اجل جو شڪار

ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغانستان جي گاديءَ واري هنڌ ڪابل جي مسجد ۾ ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن.

ڪابل پوليس جي ترجمان خالد زادران چيو آهي ته ڌماڪي ۾ وڌيڪ ماڻهن جي موت ٿيڻ جو خدشو آهي، ڌماڪو مسجد جي اندر ٿيو آهي، آخري اطلاعن تائين ڌماڪي سبب مارجي ويلن ۽ زخمين جي انگ جي حتمي ڄاڻ نه ملي سگهي هئي، ڌماڪي سان مسجد جي ويجهي واري عمارتن کي نقصان پهتو آهي.

خانگي اخبار موجب ڌماڪو ڪابل جي علائقي پي ڊي سترنهن ۾ ٿيو آهي.

اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين ستاويهه ماڻهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندو ويو آهي جنهن ۾ پنج ٻار به شامل آهن جن مان ڪنهن جي مرڻ جي تصديق ناهي ٿي سگهي.

سوشل ميڊيا تي افغان امير محمد ڪابلي جون تصويرون به وائرل ٿيون آهن ۽ اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته مارجي ويلن ۾ اهو به شامل آهي. هن وقت تائين ڪنهن به گروپ ذميواري قبول ناهي ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.