ناليوارو ڪارٽونسٽ ارشاد حيدر زيدي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پنهنجي ڪارٽونن ذريعي خانگي ٽي وي تي ڪم ڪندڙ ۽ عوام کي مرڪون ڏيندڙ ملڪ جو ناليوارو ڪارٽونسٽ ارشاد حيدر زيدي لاڏاڻو ڪري ويو آهي، هو زيدي ڪارٽونسٽ جي نالي سان مشهور هو.

ارشاد حيدر زيدي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات اڻويهه سئو پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ فيض احمد فيض سان گڏ پاڪستان ٽائمز اخبار کان ڪئي.

زيدي ڪارٽونسٽ جيو ٽي وي جي لاءِ اينيميٽڊ ڪارٽون ٺاهيا ۽ سندس ٺهيل ڪارٽون اُول ۽ جلُول گهڻو مشهور ٿيا.

سندس چونڊيل ڪارٽونن تي هڪ ڪتاب زيدي ڪي ڪارٽون جي نالي سان جيو ۽ جنگ گروپ طرفان ڇپرايو به ويو آهي.

هن پنهنجي پونئرن ۾ گهرواري، چار پُٽ ۽ هڪ ڌيءَ سوڳوار ڇڏيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.