پنجاهه رياستن جو چڪر هڻي عالمي رڪارڊ قائم ڪندڙ ٽي دوست

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا سان واسطو رکندڙ ٽن دوستن ٿوري عرصي ۾ آمريڪا جون سموريون پنجاهه رياستون گھمي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب آمريڪي رياست آسٽن سان واسطو رکندڙ پيٽر پنهنجي ٻن دوستن پاشا ۽ عبدالاهي صالح سان گڏ پنج ڏينهن، تيرنهن ڪلاڪ ۽ ڏهه منٽن ۾ آمريڪا جي پنجاهه ئي رياستن جو سفر پورو ڪيو.

ان کان اڳ هي رڪارڊ ٿامس ڪينن ۽ جسٽن مورس ٺاهيو هو، جن سمورين آمريڪي رياستن جو سفر پورو ڪرڻ ۾ پنج ڏينهن، سورنهن ڪلاڪ ۽ ويهه منٽ لڳايا هئا.

خبرن موجب ٽنهي دوستن پنهنجي سفر جي شروعات گاڏي ۾ تيرنهن مئي تي آمريڪي رياست ورمونٽ کان ڪئي ۽ پنج ڏينهن کانپوءِ هوائي ۾ پڄاڻي ڪئي.

رپورٽن موجب پيٽر ۽ سندس دوستن پنهنجو وڌيڪ سفر ڪار ۾ ڪيو پر تنهن هوندي به هنن کي هوائي جهاز ذريعي به هڪ رياست کان ٻ؟ي رياست تائين وڃڻو پيو.

پنهنجي سفر ۾ ٽنهي دوستن مشهور هنڌن جو دورو به ڪيو ۽ وڻندڙ کاڌا به کاڌا، پنجاهه رياستون گھمڻ جي ان خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ لڳ ڀڳ ٻارنهن هزار ڊار(پنجويهه لک کان وڌيڪ) پاڪستاني رپيا خرچ ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.