ميهڙ پوليس جي مبينا مقابلي بعد ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ميهڙ پوليس مبينا مقابلي بعد ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري موٽرسائيڪل ۽ بندوق هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس موجب ٻيٽو باءِ پاس تي گھاڙي چوڪ وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين سان مقابلو ٿيو.

مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پوليس موجب گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ ميهڙ واسي حبيب الله چانڊيو طور ٿي آهي، سندس قبضي مان موٽرسائيڪل ۽ بندوق پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.