ڄامشوري ۾ ڪوٽڙي واسڻ بيواهه جو ڏيرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

ڄامشوري ۾ ڪوٽڙي واسڻ بيواهه پاران ڏيرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

بيواهه بشيران ابڙو پنهنجي پٽن سوڌو پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هيواهه الزام هڻندي چيو ته مڙس جي لاڏاڻي کانپوءِ ڏيرن پوليس اهلڪار لياقت، سڪندر، غلام رسول ۽ عظيم ابڙو بنا جواز تشدد جو نشانو بڻائيندا رهيا.

هن چيو ته هاڻ ڏير مڙس جي گھر مان بيدخل ڪرڻ چاهين ٿا جنهن خلاف حد جي پوليس ۽ ايس ايس پي ڄامشوري جي شڪايتي سيل وٽ به دانهيو آهي پر انصاف نه پيو ملي.

بيواهه ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪندي چيو ته ڏيرن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.