ڏهرڪي ۾ اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني جي ورڪرن جو جائز اجرت نه ملڻ خلاف احتجاج

ڏهرڪي ۾ اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني جي ورڪرن پاران جائز اجرت نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ورڪرن سي بي اي يونين جي سڏ تي ڪمپني جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي يونين اڳواڻ رانجهڻ سميجو، عبدالفتاح ملڪ، رمضان سميجو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪمپني انتظاميا سنڌ سرڪار جي نوٽيفڪيشن باوجود ورڪرن کي ماهوار 25هزار رپيا اجرت نه پئي ڏئي، جيڪا ساڻن زيادتي آهي.

سندن چوڻ هو ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۾ جائز اجرت نه ملڻ سبب گذر سفر ڏکيو ٿي ويو آهي پر انتظاميا اجرت وڌائڻ بدران رڳو آسرا ڏئي رهي آهي.

ورڪر اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني انتظاميا کان مطالبو ڪندي چيو ته ورڪرن کي سنڌ سرڪار جي نوٽيفڪيشن موجب ماهوار 25 هزار اجرت ڏئي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.