دبئي ۾ نيڪي ڪرڻ تي ولي عهد گهرائي ٿو پر ڪراچي جي هن ٻار کي نيڪي جو بدلو ملندو؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هڪ نينگر گاڏين کي روڊ ۾ پيل کڏي کان بچائيندو رهيو، جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

ڪراچي جي نينگر سڀني جون دليون کٽي ورتيون، هو برسات سبب روڊ تي پيل کڏي وٽ بيهي گاڏين وارن کي اشارو ڪري رهيو آهي ته هتان کَڏو اٿوَ، احتياط ڪيو.

نينگر جي اها وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن جي عمل جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي.

حورين پرويز نالي هڪ سماجي ورڪر اها وڊيو ٽوئيٽر تي شيئر ڪري لکيو ته بدقمستي سان اسان وٽ ڪراچي ۾ دبئي جو ولي عهد شيخ همدان ناهي جو هن ٻار کي رضاڪاراڻي شهري خدمتن تي اعزاز ڏئي پر اسان کي اهو معلوم ڪرڻ گهرجي ته هي ٻار ڪراچي ۾ ڪٿي رهندو آهي.

سينيئر صحافي حامد مير پڻ حورين پرويز جي ان ٽوئيٽ کي ري ٽوئيٽ ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.