شادي کان اڳ کاڌي تي جهيڙو، عورت شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سڄي دنيا ۾ شادي جون تقريبون ماڻهن جي گهرن ۾ خوشي جو سبب بڻبيون آهن تنهن هوندي به شادي جي ڏينهن يا ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ گهوٽ ۽ ڪنوار جي گهرڀاتين ۾ تڪرارن سبب شاديون ختم ٿيڻ جا واقعا به پيش اچن رهن ٿا.

اهڙي ئي حوالي سان تازو ئي هڪ ڇوڪري پنهنجي شادي ختم ڪرڻ جو فيصلو ان وقت ڪيو جڏهن ان جي مڱيندي کاڌي ۾ رڳو ڀاڄين، فروٽن ۽ دالن جا کاڌا (جن ۾ گوشت يا کير ۽ ڏهي وغير استعمال نه ٿيل هجي)ڏيڻ کان انڪار ڪيو.

نيويارڪ پوسٽ جي هڪ رپورٽ موجب سارا جيڪ نالي هڪ واهپيدار ويب سائيٽ ريڊٽ تي پنهنجو هڪ واقعو شيئر ڪيو جنهن ۾ هن لکيو ته ”شادي جي پلاننگ ڪندي اسان ڪجهه کاڌن جي حوالي سان هڪٻئي سان متفق هئاسين“.

سارا جو چوڻ هو ته منهنجي فيملي ڀاڄيون کائيندي آهي جنهن جو سبب ماضي ۾ اسانکي صحت جا مسئلا ٿيڻ آهي پر منهنجا ساهرا گوشت کائيندا هئا، مونکي ان ڳالهه کان ڪو به اعتراض نه هو، پر هو شادي جي مينيو ۾ رڳو گوشت واريون شيون ئي ڪرڻ چاهين پيا.

عورت موجب جڏهن مون پنهنجي ٿيندڙ مڙس سان ان بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ته هن اهو چئي انڪار ڪيو ته اهي کاڌا کائڻ جي لائق ئي ناهن ۽ ائين ڪرڻ سان رڳو پيسو زيان ئي ٿيندو.

هن لکيو ته ٻئي ڏينهن مون ڏٺو ته شادي جي کاڌن واري مينيو مان اهي سڀ شيون ختم هيون جيڪي مون شامل ڪرايون هيون، اهو سڀ ڪجهه ڏسي مونکي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي جنهن کانپوءِ مان پنهنجي ٿيڻ واري مڙس جي آفيس هلي ويس، هن ڏسڻ سان ئي چيو ته اهو منهنجي ماءُ جو فيصلو هو.

سارا چيو ته هن ان ئي وقت مڱڻي واري منڊي لاهي انکي واپس ڪئي ۽ شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.