پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس عامر فاروق سڀاڻي ٻڌڻي ڪندو.

پي ٽي آءِ پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ جي بنياد تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ تي ڪارروائي معطل ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن پاران جاري شوڪاز نوٽيس معطل ڪيو وڃي، عدالت قرار ڏئي ته فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ غلط ۽ اختيارن جو دائرو اورانگھڻ آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت اهو به قرار ڏئي ته اٿارٽي کي اختيار ناهي ته اها فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ جي بنياد تي ڪو ايڪشن تجويز ڪري.

پي ٽي آءِ پنهنجي درخواست ۾ وڌيڪ استدعا ڪئي آهي ته هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جي حتمي فيصلي تائين اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.