پاڪ هوائي فوج جي 7 آفيسرن جي ايئر وائس مارشل جي عهدي ترقي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ هوائي فوج جي 7 آفيسرن کي ايئر وائس مارشل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي.

پاڪ هوائي فوج جي ترجمان موجب ايئر وائس مارشل جي عهدي تي ترقي ماڻيندڙن ۾ فاروق ضمير آفريدي ۽ اورنگزيب احمد شامل آهن.

ترجمان ٻڌايو ته ايئر وائرس مارشل تيمور اقبال ۽ ايئر وائس مارشل حاڪم رضا به ترقي ماڻيندڙن ۾ شامل آهي.

ترجمان موجب ايئر وائس مارشل بڻجندڙن ۾ طارق محمود غازي، محسن محمود ۽ طاهر محمود به شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.