مانجهند تعلقي ۾ جشن آزادي ڪابه تقريب نه ٿي، آفيسر گم

مانجهند (ن ع آ) مانجهند تعلقي جي سرڪاري کاتن جا ڪامورا جشن آزادي واري ڏھاڙي تي به غائب رهيا تعلقه اسپتال مختيارڪار آفيس اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ٽي اي او في ميل آفيس ٽائون ڪميٽي مانجهند ٽائون سن تعلقي جي ست يوسيز  آفيسن وٽرنري کاتو ٻيلو کاتو ڪول مائينز کاتو زراعت کاتو   سميت ڪيترن ئي ادارن تي 14 آگسٽ يوم آزادي واري ڏھاڙي تي به ڪاب تقريب نه ٿي سگهي جڏھن ت آفيسن تي جهنڊا به نه چڙھي سگهيا اڳيئن سالن ۾ يوم آزادي ڏھاڙي تي ٽائون ڪميٽي مانجهند ۽ سن سميت مختلف يوسيز  طرفان ڪيترائي مڻ مٺائي اسڪولي شاگردن ۾ تقسيم ڪئي ويندي هئي پر هن سال شاگرد ٽائون آفيس بند ڏسي مايوس ٿي موٽي ويا ذريعن موجب آزادي ڏھاڙي تي مٺائي ۽ جهنڊن جي خريداري جي مد ۾ لکين روپيا بل ٺاهي هڙپ ڪيا ويندا جڏھن ت انتظاميا آزادي جي ڏھاڙي تي بازارن گهٽين مان برسات جو گندو پاڻي به نيڪال نه ڪرائي سگهي جنهن سبب ملڪ جي آزادي ڏھاڙي تي به عوام کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئڻو پيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.