ڪلوئي ۾ ڳوٺ چڙيل جي زخمي ڌر جو بااثرخلاف احتجاج

ڪلوئي  (ن ع آ ) ڪلوئي تعلقي جي ڳوٺ چڙيل جي رهواسين محمد اسماعيل نهڙيو اشرف نهڙيو محمد شريف نهڙيو ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان جي سروي زمين تي ڳوٺ جو بااثر وڏيرو محمد نهڙيو ٻاهر جا بدمعاش ماڻهو وٺي اسان ۽ اسان جي عورتن تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ چار ماڻهو ۽ ٽي عورتون زخمي ٿي پيونهنن چيو ته زخمي هن وقت حيدرآباد سول اسپتال ۾ زندگي موت ۽ جي جنگ وڙهي رهيا آهن  هنن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر وارا اسان جي نالن تي سوشل ميڊيا تي ڪوڙا اڪائونٽ ٺاهي اسان کي بدنام ڪيو پيو وڃي انهي تڪراري زمين تي ڪورٽ سڳوري ٻني ڌرين کي پابند ڪيو هو ته ڪير به اگرائي نه ڪري پر تنهن باوجود مخالف محمد نهڙيو ٻاھران ماڻهو وٺي اسان تي حملو ڪيو آهي هن چيو ته ڪلوئي پوليس ونگار وهي اسان کي ڌمڪائي پئي پولیس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي هنن چيو ته اسان سيشن جج ٿرپارڪر هائي ڪورٽ حيدرآباد ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا  کان مطالبو ٿا ڪريون ته هن ظلم جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.