نوابشاهه ۾ مغوي شاگرد جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو

گذريل رات مهراڻ ڪالوني مان اغوا ٿي ويل فرحان کوسي جي وارثن ڀاءَ رضوان، ڀيڻ انيلان، ناظمان کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي مغوي جي وارثن جو چوڻ هو ته گذريل رات اڻڄاتل هٿياربند گھر ۾ گھڙي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ بعد انٽر جي شاگرد فرحان کي اغوا ڪري ويا آهن.

سندن چوڻ هو ته فرحان جي اغوا بعد پوليس به ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي جنهن سبب گھر ۾ روڄ راڙو متل آهي.

ھنن سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪندي چيو ته بنا دير فرحان کوسو کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.