ڪنڌڪوٽ ۾ شاگردن جو ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن تي حملي خلاف احتجاج

قومي عوامي تحريڪ جي شاگردن برڪت علي کوسو، عاطف سهرياڻي، سنديپ ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ جميعت جي غنڊن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن جي بيحرمتي ڪئي جنهن شڪايت انتظاميا وٽ ڪرڻ تان سنڌي شاگردن تي حملو ڪيو ويو.

سندن چوڻ هو ته جميعت جي غنڊن سنڌي شاگرد سٿ جي جي ڪارڪنن تي لٺين ۽ پٿرن سان حملو 7 ڄڻن کي زخمي ڪيو پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران سنڌي شاگرد سٿ جي 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي جيڪي سڌي سنئين ناانصافي آهي.

اڳواڻن سنڌ سرڪار ۽ تعليم کاتي کان مطالبو ڪندي چيو ته ڪراچي يونيورسٽي سوڌو سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۾ جماعت اسلامي جي شاگرد ونگ جميعت تي پابندي هڻي شاگردن کي عملو حاصل ڪرڻ لاءِ پرامن ماحول فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.