آمريڪي سفير پاران ڪراچي جو دورو، اهم ملاقات پاڪ – آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ سگھارو بڻائڻ جو عزم

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ معاشي ڀائيواري ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهارو بڻائڻ لاءِ 10 کان 12 آگسٽ تائين ڪراچي جو دورو ڪيو.

آمريڪي سفير دوري دوران سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير، سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن، ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڪمانڊر پاڪ نيوي، ڪاروباري ۽ توانائي صنعتن جي سربراهن سوڌو ٻين سان ملاقاتون ڪيون.

ان موقعي تي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جو چوڻ هو ته “ڪراچي پاڪستان جو معاشي قلعو هجڻ سان گڏ توانائي جي صلاحيتن سان ڀرپور شهر آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان هلندڙ سال آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي 75 سال پورا ٿيڻ تي جشن ملهائي رهيا آهيون، خوشي جي موقعي تي ٻنهي ملڪن ۾ واپاري ڀائيواري، سيڙپڪاري، توانائي، صحت ۽ تعليم سوڌو شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي خواهش جو اظھار ڪريون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.