آمريڪا سان دوستي چاهيان ٿو پر غلامي قبول ناهي: عمران خان

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته غلام قوم ڪڏهن ترقي نٿي ڪري سگهي، ڇو ته غلام رڳو سٺا غلام بڻجندا آهن، تنهن ڪري آمريڪا سان دوستي چاهيان ٿو غلامي نه.

لاهور ۾ جلسي سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مان آمريڪا ۽ برطانيا کي ٻين پاڪستانين جي ڀيٽ ۾ چڱي ريت ڄاڻان ٿو، مان ڪنهن ملڪ جو دشمن ناهيان، آمريڪا سان دوستي چاهيان ٿو پر غلامي قبول ناهي.

هن چيو آمريڪا جي نفسيات آهي ته جيڪڏهن انهن جي پيرن تي ڪرندئو ته توهان کي استعمال ڪندا، نفس انسان جي عزت ختم ڪري ڇڏيندو آهي، عزت پئسي سان نٿي خريد ڪري سگهجي.

سندس چوڻ هو ته مخالف 26 سالن کان منهنجي ڪردار ڪشي ڪري رهيا آهن، قوم کي قرضي ڪرڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ 30 سالن کان ٻه خاندان هن ملڪ ۾ حڪومت ڪري رهيا هئا، هاڻ چون ٿا آمريڪا جي غلامي نه ڪئي سين ته مري وينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.