تعليم حق آهي رعايت نه !!

تحرير: حميده گھانگھرو

ڏاهن جو قول آهي ته ٻار مستقبل جو معمار ۽ ملڪ جا واڳ ڌڻي آهن. اهو جملو ثابت ڪري ٿو ته جيڪڏهن علم، شعور، ذهانت، سمجهه، سوچ جو سنگم جوڙيو وڃي ته شاگرد برادري کان بهتر ڪير به نٿو ٿي سگھي. پر ان لاءِ ڪجهه قانون ۽ قائدن تي عمل ڪرڻ نهايت ضروري آهي. علم جو درياءُ جڏهن سياري ۾ ڄمندو ته گليشيئر ٿيندا پر جڏهن تپش لڳندن ته اهي گليشيئر ٽٽي اهڙو وهڪرو پيدا ڪندا جو ڪپر کان اٿل کائي ٻوڏ ۽ سيلاب جي شڪل اختيار ڪندا. اهڙي گليشيئر ملڪ جي وڏي اداري قومي اسيمبلي ۾ اسڪولي ٻارن جي حق سچ جي احتجاجي جملن سان بي ڊپا ٿي اسيمبلي جي ديوارن کي ڌوڏي ڇڏيو. جيڪڏهن ائين چئجي ته 75 سالن جي بي رحم تاريخ تي چڙهيل ڪاري چادر کي وائکو ڪري اسڪولي ٻارن 20 ڪروڙ عوام جي نمائندگي ڪندي ان سڄي داستان کي بيان ڪيو ته آئين ۽ قانون ٺهڻ کانپوءِ هر اداري لاءِ بجيٽون به مقرر ٿين ٿيون ته بل به پاس ڪيا وڃن ٿا ۽ انهي سڄي پس منظر ۾ جن کي مستقبل جو معمار چئجي انهن جي زندگي کي ٺاهڻ لاءِ ملڪ جي حڪمرانن، اسٽيبلشمينٽ وٽ ڪهڙو لائحه عمل آهي. هڪ ٻار اهو ٻڌائي زمين ڌوڏي ڇڏي ته مان تمام بهترين اسڪول ۾ پڙهان ٿو. 3 وقت ماني بجاءِ 5 وقت ماني کاوان ٿو مون وٽ هر آرام، آسائش جون شيون ضرورت کان وڌ آهن. بيگ ۾ بهترين ڪتاب وغيره پر مان 22ڪروڙ آبادي ۾ 10 سيڪڙو به ناهيان جڏهن ته آس پاس، آمهون سامهون نظر پوي ٿي ته منهنجي عمر جا ٻار ڪي بوٽ پالش ٿا ڪن ڪي چوراهن تي بيٺل گاڏين کي ڪپڙو هڻي صاف ٿا ڪن، ڪي هوٽلن تي بيرا آهن، ڪي اڇلايل گند مان کائڻ لاءِ ڦٿل فروٽن يا باسي کاڌي کي به غنيمت سمجهي ڀرسان پيل پراڻي اخبار ۾ ويڙهي پنهنجن ٻين ڀائرن لاءِ کڻي ٿا وڃن. ڪي پنڻ کي ترجيح ڏئي پيٽ ڀرڻ لاءِ هڪ هڪ اڳيان هٿ ٿا ٽنگين. ڇا اهي ملڪ جي معمارن جي لسٽ ۾ شامل ناهن. انهي مان ظاهر ٿيو ته قومي اسيمبلي جي ديوارن ۾ گونجندڙ آواز ڊائمنڊ جوبلي ملهائڻ جي هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي.

روايتي نموني سان ڪي ٽيبلو پيش نه ڪيا ويا ڪي قومي ملي نغما پيش نه ڪيا ويا. ڪي دونهاندار جذباتي تعريفن واريون تقريرون نه هيون بلڪه صرف ۽ صرف آئين ۽ قانون تحت هن آزاد مملڪت ۾ ٻارن کي ڪهڙي آزادي ۽ خود مختياري ڏني وئي آهي. هي ڪي رنگا رنگ تقريبون نه هيون پر ظلم، زيادتي چڙهيل رنگن ۽ بدنما عملن کي رنگ سان ڍڪيل چهرن کي وائکو ڪيو ويو.

آزادي جي موڪل تي ڀلي سڀ نوڪري ڪرڻ وارا ادارا بند عام موڪل جي نالي هوندي پر واحد تعليمي ادارا کليل رهندا جتي پيٽ بکايل غربت جا ماريل، مفلسي جو شڪار ٻار گھر جون مجبوريون گھر ۾ ڇڏي هڪ يونيفارم هڪ آواز ۾ آزادي جو علم کڻي اميد سان جشن ملهائيندي نظر ايندا پر ڪالهه جيڪا تاريخ رقم ٿي آهي. انهيءَ جا پڙاڏا ڇا اسانجي ملڪ جي حڪمرانن، انصاف ڪرڻ وارين عدالت جي نوٽيس ۾ ايندا يا اڄ به مستقبل جا معمار ڪنهن وحشي حوس جو نشانو بڻجي قتل ڪيا ويندا ڪي معصوم نياڻيون درندگي جو نشانو بڻجندي ڪٺيون وينديون طبقاتي نظام جو شڪار ظلم جي گھاڻي ۾ اڄ به مخدوم بلاول سرد جنگ وانگر پيڙيا ويندا. گئس مهانگي، پيٽرول مهانگو، ڊالر مهانگو، بجلي مهانگي، راشن مهانگو، زندگي گذارڻ لاءِ ضرورت جي هر شيءِ مهانگي، سستو صرف انسان جيڪو حق سچ چوي ته بي ڏوهي ماريو وڃي، ٻي صورت ۾ غربت مفلسي ته خاموش زهر آهي ئي جنهن جو نه ثبوت نه گواهي.

ڏسجي ته 75 ساله تاريخ ۾ اسڪولي ٻارن کي پنهنجي مزاج ۽ مطلب جي تاريخ پڙهائي ٿي وڃي اڄ به عام تاثر اهو آهي ته مسلمانن ڪافرن يعني هندن کان آزادي ورتي، تاريخ جو سچ ڪنهن کي به نٿو ٻڌايو وڃي ته جيڪي انگريز برصغير کي اڏهي وانگر کائڻ جي سازش ۾ مصروف هئا انهن مير جعفر جهڙا گڏهه ته پيدا ڪيا پر هوشو شيدي هيمو ڪالاڻي، ڀڳت سنگهه انگريزن خلاف بغاوت ڪندي ڦاسي جي ڦندي کي ڳلي جو هار سمجهي سولي سجائي.

ڏسجي ته پاڪستان ۾ مستقبل جي معمارن هڪ نئين اسيمبلي جوڙي انصاف جو آواز بلند ڪيو آهي جيڪو ڪم ووٽ وٺي ذميدارن نه ڪيو اهو احساس هڪ ٻار جي آواز ۾ هو. هنن ڪنهن کي برو ڀلو نه چيو هنن فضول ۾ ڊيسڪ وڃائي ڪنهن تي تنقيد ۽ تائيد نه ڪئي پر هڪ آواز بلند ڪري هڪ ئي انصاف گھرڻ لاءِ فيصلو ٻڌايو آهي ته خدارا ملڪ جي معمارن جي بنيادي حقن، ضرورتن کي قانون آئين جي دائري ۾ حق ۽ انصاف ڏنو وڃي جئين هن ملڪ مان خيرات گھرندڙڻ جو تعداد گھٽجي، سائنٽسٽ، ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيلن، اديبن، دانشورن استادن جو تعداد وڌي ۽ هيءُ ملڪ ترقي يافته ۽ مهذب تهذيب يافته سڏرائڻ ۾ پنهنجو ڪنڌ پاڪستان جي جهنڊي وانگر اونچو رکي. هي ٻار اونچي آواز ۾ چون ٿا تعليم اسانجو حق آهي رعايت نه..!!

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.