سعودي قيادت پاران پاڪستان کي آزادي ڏهاڙي جون مبارڪون

 

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي قيادت پاران پاڪستان جي 75هين آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد جا پيغام موڪليا ويا آهن.

سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان صدر عارف علوي جي نالي دل جي گھرائين سان پيغام اماڻيا.

شاهه سلمان عبدالعزيز چيو ته اسان سموري پاڪستاني قوم کي آزادي ڏهاڙي جي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ان جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهيون.

سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام کي قومي ڏهاڙي جي مبارڪ هجي، اسان جون نيڪ خواهشون ۽ دعائون پاڪستان لاءِ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.