ڪراچي لياري ايڪسپريس وي تي دستي بم حملو، ٻه ڄڻا زخمي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ لياري ايڪسپريس وي گارڊن ٽول پلازا تي دستي بم حملي ۾ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ايس ايس پي سٽي موجب اڻڄاتل ماڻهو ايڪسپريس وي ٽول پلازا تي گرينيڊ اڇلائي فرار ٿي ويا، ڌماڪي جي نوعيت جو اندازو لڳايو پيو وڃي.

ريسڪيو ذريعن ٻڌايو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻنهي زخمين کي طبي امداد ڪرڻ لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ اين ايڇ اي ٽول ڪليڪشن اسٽاف جو ميمبر ۽ واٽهڙو شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.