راڻيپور ۾ ٻن دڪانن مان روڪ رقم ۽ قيمتي سامان چوري

راڻي پور(ن ع آ) راڻي پور جي پراڻي بس اسٽيڊ روڊ واقعي ديوان مل جي جنس جي دڪان جا رات جو دير سان تالا ٽوڙي سندس دڪان اندر پيل روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا. جڏھن ته ساڳئي روڊ تي واقعي دائود بروھي جي ڪرياني جي دڪان جا به تالا ٽوڙي سندس دڪان اندر پيل لکين رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان پڻ کڻي ويا. جنھن بعد اھڙن ٻنھي واقعن جون اين سيون راڻي پور ٿاڻي تي ڌار ڌار داخل ڪيون ويون آھن. جڏھن ته واقعن جو اطلاع ملڻ تي پوليس پنھنجي روايتي ڪاروائي ڪندي واقعي واري ھنڌ پھچي جاءِ وارڌات جو معائنو ڪرڻ بعد واپس رواني ٿي وئي. ٻئي پاسي شھرين ۾ تاءُ پکڙجي ويو آھي ۽ ھو پاڻ کي غير محفوظ سمجھڻ لڳا آھن.شھرين اعلي اختيارين ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته انھن چورين جو نوٽيس وٺي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري شھرين کي محفوظ بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.