`جروار لڳ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، فصل تباهه، بيماريون وڌڻ لڳيون

جروار ( ن ع آ )  جروار لڳ وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ ميرخان گبول مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو، جڏھن ته مھينو گذرڻ باوجود پاڻي تلاءَ  جي صورت ۾ دڳن واٽن تي جيئن جو تيئن بيٺل آھي ۽ برساتي پاڻي سبب سارين جو فصل به تباھي جي ڪناري تي پھچي ويو آھي. ٻئي طرف چونڊيل نمائندن سميت ڪنھن به وس واري ڪاموري ھن ڳوٺ جي ھن محل تائين واھُر نه ڪئي آھي ،ڳوٺ ميرخان گبول سميت جروار جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي موجود ھُئڻ مختلف بيمارين منھن ڪڍي ماڻھن کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي ،مثال طور گيسٽرو،دست الٽيون مليريا سميت ٻيون بيماريون شامل آھن، ان ڏس ۾ ھڪ ٻار ھڪ عورت سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي چڪا آھن ،ڊي سي گھوٽڪي سميت ڪنھن جي به ڪن تي جونءَ  نه چُري آھي ڳوٺ ميرخان گبول  سميت علائقن واسين وس وارن کان مڇر مار اسپري ڪرائڻ  جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي.

 جمال شاهه  ڀرسان ڳوٺ مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، ڳوٺاڻن جو احتجاج

جمال شاھ(ن ع آ)جمال شاھ ڀرسان 300 گھرن تي مشتمل ڳوٺ لعل محمد مھر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، جنھن ۾ نيڪ مرد محمد عرس مھر، رسول بخش مھر جي اڳواڻي ۾  احتجاج ڪندي دانھيندي چيو آهي ته اسان جي گھرن ۾ برسات جو پاڻي بيھجي ويو آهي، رستا ۽ گھٽيون پاڻي ھيٺ آيل آھن، ڪچا گهر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن، جڏهن ته مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي ۽ مڇر مار اسپري بہ نہ ٿو ڪرايو وڃي، گٽرن جو گندو پاڻي اٿلڻ سبب گيسٽرو پکڙجي ويو آهي ۽ چوپائي مال ۾ پڻ بيماريون پکڙجي ويون آهن، ھنن ضلعي شھيد بينظير آباد جي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته گھرن مان پاڻي نيڪال ڪرائي پريشاني کان بچايو وڃي.

اڪري فيڊر جي بجلي برسات پوڻ بعد هڪ مهيني کان بند، ڪاروبار متاثر

اڪري چودڳي ( ن ع آ)  اڪري فيڊر جي بجلي برسات پوڻ بعد هڪ مهيني کان بند بجلي تي هلندڙ ڪاروبارمتاثر  گرمي گهٽ ٻوسٽ سبب علائقي واسين جوجيئڻ جنجال سيپڪو سيٺارجا بلاجواز بجلي بند ڪري ظلم ڪري ڇڏيو آهي  اڪري واسي برسات سبب لڳاتار فالٽ اچڻ سبب بجلي بند آهي سيپڪو سيٺارجا خبر موجب سانوڻي جي برساتن سبب بعد لڳاتار هڪ مهيني کان اڪري فيڊر جي بجلي بند ٿيڻ خلاف اڪري واسي ويلڊنگ مستري آرا مشين اٽي چڪي مالڪن ۽ دڪاندار  شهرين ۽ ڳوٺاڻن غلام الله شر،لياقت کوکر،سجاد شر،ادريس شر،غلام علي ۽عزادار شاھ دانهيندي چيو تہ سيپڪو سيٺارجا برسات بعد فالٽ جو جواز ڄاڻائي هڪ مهيني کان اڪري فيڊر جي بجلي بلاجواز بند ڪري ڇڏي آهي بجلي بند ٿيڻ سبب ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي  بيروزگار لڳا ويٺا آهيون هڪ برساتن سبب ڪاروبار بند الٽو بجلي جي لوڊشيڊنگ پريشانين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اٽي چڪيون بند ٿيڻ سبب مشينن تي ڪڻڪ جا کوڙا ٿي ويا آهن هنن چيو تہ گرمي وڌڻ ڪري تمام گهڻي تڪليف آهي برسات بعد مکين ۽مڇرن جو آزار آهي بجلي نه هجڻ ڪري رات ڏينهن جو سڪون ڦٽل آهي هنن دانهيندي چيو ته بجلي بند ڪري نسورو ظلم ڪيو ويو آهي سيپڪو سيٺارجہ فالٽ جو جواز ڄاڻائي اڪري فيڊر جي بجلي بند ڪري ڇڏي آهي هنن سيپڪو چيف سکر ۽ ٻين وس وارن مطالبو ڪندي گهر ڪئي تہ اڪري فيڊر جي بجلي بحال ڪري پريشانين کان بچايو وڃين ٻي طرف لائين موجب برسات سبب فالٽ پيدا ٿي ويا آهن جنهن سبب بجلي بند آهي.

 قاضي احمد لڳ  ٻه ڀائر  مختلف بيمارين ۾ مبتلا، واهر جي گهر

قاضي احمد (ن ع آ)  قاضي احمد لڳ ڳوٺ جادو جوڻو جو رهواسي ٻه ڀائر مختلف بيمارين ۾مبتلا جن جد ڪنهن به سار نه لڌي جڏهن ته مسڪين پورهيت ۾ ٻه شامل ڀائر طالب حسين ابڙو ٽنگن کان معذور آهي ٻيو ڀاءُ محمد حسن ابڙو ٽي جو جل مريض هجڻ سبب ڪمائڻ لاچار آهن جڏهن ته تازو وسندڙ برسات سبب ڪچو گهر به ڊهي پيو آهي جنهن سبب هو ڏکيا ڏينهن گذاري رهيا آهن هنن وس وارن کان گهر ڪري رهيا آهن ٻنهي مسڪينن ڀائرن کي واهر ڪري گهر ٺهرائي ڏنو وڃي ته جيئن مسڪين هن مشڪل گهڙين ۾ پريشاني کان بچي سگهن.

اڪري ۾ ڳوٺاڻن جو برسات جو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف احتجاج

اڪري چودڳي (ن ع آ)  يوسي اڪري جي ڳوٺ امام بخش شرواسي امان الله رحمت الله ملهار خان وسيم حسن معصوم ٻارن سميت احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته سانوڻي جي مسلسل هڪ مهينو پوندڙ برسات بعد سندن گهرن ۽زمينن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي برساتي پاڻي جي ڪري سندن گهر ڪري پيا آهن جنهن سبب معصوم ٻچڙن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون برساتي پاڻي جي گهرن ۽زمينن موجودگي سبب مکين ۽مڇرن جو آزار آهي جنهن ڪري رات ڏينهن جي ننڊ ڦٽل آهي هنن دانهيندي چيو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاء لاڳاپيل انتظاميه توڙي سياسي ڀوتارن وٽ دانهيو آهي پر ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو جنهن سبب 24 ڪلاڪ تڪليفن ۾ گذرن ٿا 200 روپين جي مڇرداني لاء شناختي ڪارڊ سميت مختلف شناختي پريڊن جي مرحلن مان گذرڻو پوي ٿوپر اها به نه ملي سگهي آهي هنن ڊي سي خيرپور اي سي فيض گنج ۽تڪ جي چونڊيل اڻ چونڊيل سياسي ڀوتارن کان گهرن زمينن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ڊهي پيل گهرن جي نئين سر تعمير لاء مدد جي اپيل پڻ ڪئي

مڪلي۾برسات جو وسڪارو،اڪثر علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيو

مڪلي( ن ع آ) مڪلي ۾ برسات جو وسڪارو،  اڪثر علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نہ ٿي سگھيو، رھواسي تڪليفن ۾ ورتل، روڊ رستا ۽ گليون پاڻي ۾ ٻڏل، خطرناڪ بيمارين منھن ڪڍيو، مليريا ۽ گيسٽرو ۾ اضافو، انتظاميہ پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪوبہ تحرڪ نہ ورتو. مڪلي ۾ برسات جي وسڪاري بعد اڪثر علائقن ۾ گوڏي جيڏو برساتي پاڻي بيھي ويو آھي پر ضلعي انتظاميہ ۽ ميونسپل ڪميٽي ٺٽو توڙي پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي انتظاميہ برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪي بہ قدم نہ کنيا آھن، جنھن جي ڪري ھڪ طرف رھواسين کي اچ وڃ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن تہ ٻئي طرف وري گندگي وڌي وڃڻ ڪري مڇرن ۽ مکين ۾ اضافو ٿيڻ ڪري رھواسي مليريا، گيسٽرو سميت ٻين خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي اسپتالن ڀيڙا ٿي رھيا آھن. مڪلي جي جوکيا ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ ڪري سمورو علائقو برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ آھي، برساتي پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ ڪري گندگي جو آزار وڌي ويو آھي. ان سلسلي ۾ مقامي رھواسين ماستر اياز جوکيو، مجنون جوکيو، عبدالواحد جوکيو، علي نواز جوکيو، نظام ناريجو، مسعود جوکيو، عبدالعليم جوکيو ۽ ٻين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو تہ ضلعي ۽ ٽائون ڪميٽي مڪلي جي انتظاميہ برسات جو پاڻي نيڪال ناھي ڪرايو، ڪيترائي ڀيرا عملدارن کي شڪايتون ڪيون آھن پر ڪوبہ کڙ تيل ناھي نڪتو، علائقي ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آھن جنھن جي ڪري علائقي ۾ بدبوءِ وڌي وئي آھي، گندگي ۽ بدبوءِ وڌڻ سبب مڇرن ۽ مکين جو آزار وڌي ويو آھي، علائقي واسي مليريا سميت ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن، جيڪي ھِن اسپتالن ۾ داخل ٿيل آھن. ھنن مطالبو ڪيو تہ جلد مڪلي جي جوکيا محلي مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي صفائي ڪرائي وڃي ۽ رھواسين کي پريشانين کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

ڪنڊياري لڳ سم نالي جي پل ڊهي پئي، ڳوٺن جو رابطو ڪٽيل

ڪنڊياري( ن ع آ) ڳوٺ عبدالوحيد نظاماڻي ڀرسان ايل بي اوڊي ٻوٻي سم نالي جي زبون حالي پل   آبادگار ياسين لغاري جو ٽريڪٽر ڪراس ڪرڻ دئوران ڌماڪي سان ڪري پئي مختلف سوين ڳوٺن جو شھر سان رابطو ڪٽجي ويوڊرائيور مُجزاني طور بچي ويو معمولي زخمي  ٻئي طرف ڳوٺاڻي محمد ابراهيم ڳاهو سميت ٻين چيو ته لغاري نظاماڻين مرين سميت سوين ڳوٺن جا رهاڪو رستي بند سبب متاسر ٿيا آھي بار بار ايل بي او ڊي سم نالي جي آفيسرن کي گزارش ڪئي سون پر ڪنهن به نه ٻڌي ھاڻ ڳوٺاڻا سيدهي وٺڻ توڙي مال وند گاه به پنهنجي جانورن تائين نٿا پڄائي سگهن اسان کي فوري پل تعمير ڪرائي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.