آءِ ايم ايف جي چوڻ تي مني بجيٽ جي تياري، ڀاڻ، کنڊ ۽ ڪپڙو مهانگو

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت چئن شعبن تي وڌيڪ 40 ارب رپيا ٽيڪس جو بار وجهڻ لاءِ مني بجيٽ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ايف بي آر ذريعن موجب فرٽيلائيزر، شوگر، تماڪ ۽ ٽيڪسٽائل جي شعبي تي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي. ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن چئن وڏن سيڪٽرن تي آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس کان اڳ مني بجيٽ ۽ آرڊيننس ذريعي  ٽيڪس لاڳو ڪري سگهجن ٿا. ذريعن موجب ايف بي آر ان لينڊty روينيو پاليسي ونگ مني بجيٽ جي بناوٽ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، واپارين جي بلن تان فڪسڊ ٽيڪس ختم ٿيڻ سبب ٽيڪس قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن ٽيڪس ختم ٿيڻ واري 40 ارب رپين جي نقصان کي ٻئي طريقي سان پورو ڪري سگهجي. ايف بي آر اختيارين موجب مني بجيٽ ۽ آءِ ايم ايف تي بريفنگ لاءِ وزيراعظم آفيس ۾ گڏجاڻي ٿيندي ۽ منظوري کانپوءِ تڪڙا قدم کنيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.