ڪراچي ۾ ڊينگي وائرس ۾ واڌ، وڌيڪ 28 ڪيس ظاهر

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 28 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي.  صحت کاتي موجب ڊينگي وائرس سان متاثر ٿيندڙن جو واسطو شهر جي مختلف ضلعن سان آهي. انگن اکرن موجب آگسٽ ۾ هيل تائين 231 ڄڻا ڊينگي وائرس سان متاثر ٿيا، جڏهن ته هلندڙ سال ڪراچي ۾ 1158 ڄڻا ڊينگي وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڊينگي وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 305 ٿي ويو آهي. طبي ماهرن عوام کي هدايت ڪئي آهي ته سج اڀرڻ ۽ سج لهڻ مهل جسم کي مڪمل ڍڪي رکو، جڏهن ته گهر، گهٽي، پاڙي ۾ پاڻي بيهڻ نه ڏيو ته جيئن ڊينگي وائرس کان بچي سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.