شهباز گل جي فون تا ٽوئيٽ، اصل فون ڊرائيور کڻي ويو، ڇاپو

اسلام آباد ( م ڊ ) پوليس کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل جي ٽوئيٽر هينڊل واري فون جي ڳولا آهي. پوليس اختيارين  موجب گرفتاري وقت شهباز گِل وٽان هٿ آيل فون ڊمي هو، شهباز گل جو پنهنجو فون سندس ڊرائيور کڻي ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته شهباز گل جي فون تان مسلسل ٽوئيٽ ڪيا پيا وڃن، جاچ ڪريون پيا ته سندس ٽوئيٽر هينڊل وارو فون ڪنهن وقت آهي ۽ ڪير استعمال ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽوئيٽ ڪندڙ جوابدار جو ساٿي آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز گل جي نشاندهي تي موبائيل فون هٿ ڪرڻ لاءِ ڊرائيور جي گهر تي پوليس چڙهائي ڪئي، ڊرائيور جي گهرڀاتين مزاحمت ڪئي جنهن تي گهروارن خلاف آبپارا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس شهباز گل جي ڊرائيور جي گهر واري ۽ سالي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن جي ضمانت لاءِ پڻ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.