شهباز گل سان 48 ڪلاڪن ۾ ڪير به ملڻ نه آيو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ شهباز گل گذريل ٻن ڏينهن کان اسلام آباد پوليس جي حراست ۾ آهي.  ذريعن وٽان پتو پيو آهي ته شهباز گل گذريل 48 ڪلاڪن کان ڪوهسار ٿاڻي ۾ اڪيلو آهي ۽ ان سموري وقت ۾ نه پي ٽي آءِ جي ڪنهن به اڳواڻ، ڪارڪن ۽ نه ئي ڪنهن مائٽ شهباز گل سان ملاقات لاءِ ٿاڻي سان رابطو ڪيو آهي. ذريعن موجب عام طور تي جوابدارن جا مائٽ ۽ دوست پوليس ٿاڻي تي انهن لاءِ کاڌو، ڪپڙا، دوائون وغيره موڪليندا رهندا آهن ۽ پوليس به انهن کي قيدين تائين پهچائيندي آهي. ذريعن موجب شهباز گل وٽ رڳو هڪ وڳو هو جيڪو کيس گرفتاري وقت پهريل هو ڪير به کيس ٻيو وڳو ڏيڻ لاءِ ناهي پهتو هاڻي پوليس پاران هن لاءِ ڪپڙا گهرايا ويا آهن. ذريعن موجب کين پوليس پاران کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ کيس هڪ بسترو پڻ ڏنو ويو آهي. اربع تي شهباز گل جي عدالت ۾ پيشي تي تحريڪ انصاف جو ڪو به اهم اڳواڻ پيش نه ٿيو. پي ٽي آءِ جي حمايتي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي شهباز گل سان لاتعلقي جو اظهار ڪندي کيس هوشياري کان ڪم وٺڻ جي صلاح ڏني آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته جاچ دوران شهباز گل وٽان اهم ڄاڻ به ملي آهي. ذريعن موجب پوليس شهباز گل جي ٻئي موبائيل فون جي ڳولا ڪري رهي آهي پر سندس ڊرائيور جي گهر تي ڇاپي باوجود موبائل فون هٿ نه آئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.