اي آر واءِ نيوز جي هيڊ آف نيوز کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) ملير جي عدالت اي آر واءِ نيوز جي هيڊ آف نيوز عماد يوسف کي هڪ لک  جي مچلڪن عيوض آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت عماد يوسف جو نالو ڪيس مان خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت ۾ جاچ آفيسر جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي هئي. ايڊووڪيٽ نعيم قريشي جو چوڻ هو ته عماد يوسف جو ڪيس ۾ نالو شامل ڪرڻ بدنيتي آهي، ان معاملي ۾ سندس ڪوبه ڪردار نه آهي، ان ڳالهه تي اسلام آباد ۾ به ڪيس داخل ڪيو ويو، وڪيل جو چوڻ آهي ته هڪ واقعي تي هڪ کان وڌيڪ ڪيس نٿو داخل ٿي سگهي، عدالت ۾ ايڊووڪيٽ نعيم قريشي چيو ته ضابطا فوجداري جي شق 63 جي تحت ڪيس خارج ڪيو وڃي، عدالت استدعا منظور ڪري نالو خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.ياد رهي ته عماد يوسف کي گذريل ڏينهن ڪلفٽن مان سندس گهر مان چڙڏيايندڙ پروگرام جي ڪري گرفتار ڪيو  ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.