مڪاني چونڊن بابت حڪومتن کان 22 آگسٽ تائين جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ۾ ٻئي مرحلي ۾  مڪاني کاتي جي چونڊن ۾ دير ڪرڻ جي خلاف جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي درخواستن ٻڌڻي ڪندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان لکت ۾ 22 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي، درخواستگذارن جي وڪيل جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن 24 جولاءِ تي ٿيندڙن چونڊن کي ڄاڻي وائي ملتوي ڪيو آهي، چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪراچي ۾ برسات ٿي رهي هئي، برسات ۾ ڇا اوهان ووٽ ڪاسٽ ڪندو، وڪيلن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن پهرين چيو ته اسان چونڊون ڪرائينداسين، عدالت ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته 15آگسٽ تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي رهي آهي، جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته ڪراچي ۾ 28 آگسٽ کي مڪاني چونڊن جي تاريخ رکي وئي آهي، اسان جلد چونڊون ڪرائڻ چاهيون ٿا، چيف جسٽس چيو ته اسان ڌرين جي جواب اچڻ کانپوءَ شين جو جائزو ورتو ويندو، جماعت اسلامي جي حافظ نعيم الرحمن ۽ تحريڪ انصاف جي جبارقريشي داخل ڪئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.