ٻار سڳي ماءُ بدران پالنا ڪندڙ عورت حوالي، جذباتي منظر

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻار جي حوالگي ڪيس ۾ ٻار سڳي ماءُ کي ڏيڻ بدران پالنا ڪندڙ عورت کي ڏيڻ جو حڪم ڏئي  ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻار جي حوالگي جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران عورت عظميٰ ٻڌايو ته اسان ٻار کي 3 سال اڳ پاليو هو. عدالت عورت جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ ٻار کي جنم ڏيندڙ اقرا جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ ٻار پالنا ڪندڙ عورت کي تحويل ۾ ڏيڻ جو حڪم ڏنو، جنهن کانپوءِ عدالت ۾ عورت کان ٻار کسڻ جي ڪوشش تي صورتحال خراب ٿي وئي. عدالتي احاطي ۾ ڌريون هٿين پئجي ويون ۽ عورت رڙيون شروع ڪري ڇڏيون، جنهن تي سيڪيورٽي اهلڪارن مداخلت ڪري ڌرين کي ڇڏرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.