مذهب جي جبري تبديلي روڪڻ لاءِ پارليامينٽ جي ڪميٽي جوڙي وڃي: بلاول

اسلام آباد(م ڊ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ اقليتن کي حق ملڻ گهرجن، جبري مذهب  جي تبديلي کي روڪڻ لاءِ پارليامينٽ جي ڪميٽي جوڙي وڃي. اسلام آباد ۾ اقليتي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول اقليتي برادري کي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته اقليتي ڏينهن ملهائڻ جي شروعات پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ ٿي. هن چيو ته اقليتي برادري جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ وڌيڪ قانونسازي جي ضرورت آهي، حڪومت کي گهرجي ته اقليتن بابت وڌيڪ قانونسازي ڪري. رميش ڪمار خطاب ڪندي چيو ته نصاب ۾ تبديلي آندي وڃي، جسٽس راڻا ڀڳوانداس کي سلام پيش ڪيون ٿا.03

  • اغوا ڪري زوري مذهب تبديل ڪرايو ويو: قاضي احمد جي ناري

ڪراچي (رپورٽر) قاضي احمد واسڻ هندو ناري (ڪ)کي اغوا ڪري جبري مذهب تبديل واري ڪيس جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت  ناري کي سندس گهروارن حوالي ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي دوران ناري عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار خليل جوڻيجو مون کي اغوا ڪري زبردستي مذهب تبديل ڪرايو، مان پنهنجي گهروارن سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي، عدالت ناري جي بيان کانپوءِ کيس گهروارن جي حوالي ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي دوران عدالت جوابدار خليل جوڻيجو خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ناري جي اغوا جو ڪيس قاضي احمد ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي.

  • مسيحي نينگري جي بازيابي بابت جاچ تي بي اعتمادي ظاهر

ڪراچي (رپورٽر) مقامي عدالت ۾ ڪراچي مان ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي اغوا واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سرجاني ٽائون مان مبينا طور تي  مسيحي ڇوڪري جي اغوا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت نينگري جي بازيابي جي حوالي سان جاچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 22 جون تي نينگري کي اغوا ڪيو ويو، جوابدار عباس پنجاب جي علائقي گجرانوالا ۾ شادي ڪئي، ڇوڪري جي عمر 13سال آهي، جڏهن ته نڪاح ۾ 18سال آهي، جوابدار جي هي ٽئين شادي آهي.

  • غير مسلم شهري قومي ڏهاڙي جو حصو آهن: وزيراعظم 

اسلام آباد  (م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته غير مسلم شهري اسان جي قومي ڏهاڙي جو حصو آهن. اڄ اسان ملڪ جي انهن جي اڻ ٿڪ خدمتن جي خراج  تحسين پيش ڪريون ٿا. خميس جي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزير اعظم چيو ته اسان جا غير مسلم شهري اسان جي قومي ڏهاڙي جو هڪ لازمي حصو آهن. اڄ جي ڏينهن اسان ملڪ لاءِ انهن جي اڻ ٿڪ خدمتن تي کين خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.  انهن جو ٿورو ادا ڪيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي بانين  هڪ اهڙو معاشري جو تصور پيش ڪيو هو جنهن ۾ رياست جي هر شهري کي برابر جا حق حاصل هجن. 03

  •   اقليتن جون اڻٿڪ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن: صدر عارف علوي

اسلام آباد (م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ترقي ۾ اقليتن جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت انهن  جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي لاءِ سڀئي ڪوششون ڪندي. 11 آگسٽ 2022ع تي اقليتن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته 11 آگسٽ کي پاڪستان ۾ اقليتن جي ڏهاڙي طور ملهايو وڃي ٿو ته جيئن پاڪستان جي ترقي ۾ اسان جي اقليتن جي اڻٿڪ حصيداري جو اعتراف ڪيو وڃي ۽ قوم جي حيثيت سان انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ اسان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو وڃي. هن چيو ته هي ڏينهن اسان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 1948ع ۾ ڪيل ان واعدي جي ياد ڏياري ٿو ته هن عظيم قوم جي هر ماڻهو کي ان جي مذهب، عقيدي کان مٿانهون ٿي برابر حق ۽ آزادي حاصل هوندي. اهو ڏسي خوشي ٿئي ٿي ته پاڪستان ۾ اقليتون زندگي جي هر شعبي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ پاڪستان ۾ انهن جي پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ جي حق جو تحفظ ڪيو آهي، انهن جا حق اسان جي آئين ۾ موجود آهن، اسلام اقليتن جي حقن جي تحفظ تي به زور ڏنو آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي حڪومت ملڪ ۾ اقليتن جي سهولت لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي. وفاقي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ انهن جي نمائندگي آهي، ان کانسواءِ انهن کي سڀني سرڪاري خدمتن ۾ نوڪرين جي ڪوٽا به مخصوص ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح ملڪ جي خدمت جو تعين ڪري ٿي ته هو پنهنجي پاليسين تي سماجي ۽ اقتصادي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۽ قوم جي سڀني برادرين جي لاءِ برابري جو ميدان فراهم ڪرڻ جي تقويت ڏي. صدر خاص طور تي تعليم، صحت ۽ سماجي ڀلائي جي شعبن ۾ اقليتن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان بنيادي حقن ۽ پاليسي جي اصولن ذريعي آئين ۾ ڏنل پنهنجي ذميوارين تي قائم آهي. هن چيو ته حقيقت ۾ پاڪستان ۾ اقليتون اسان جي سماجي ۽ قومي ڍانچي جو هڪ مضبوط حصو آهن ۽ ان ڏينهن ۾ سڀني اقليتي برادرين کي يقين ڏياريان ٿو ته حڪومت انهن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ سڀئي ڪوششون ڪندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.