ڪراچي واسين کي ڪرنٽ، بجلي 11 رپيا 10 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد ( م ڊ) نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ڪراچي لاءِ بجلي 11 رپيا 10 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اها وصولي آگسٽ ۽ سپٽمبر جي بلن ۾ ڪئي ويندي. نيپرا جي پڌرائي موجب بجلي جون جي فيول ايڊجيسٽمينٽ جي مد ۾ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. نيپرا موجب جون جو ايف سي اي صارفين کان ٻن مهينن ۾ وصول ڪيو ويندو، آگسٽ ۾ صارفين کان 3 رپيا 1 پئسا في يونٽ تي اوڳاڙيا ويندا، جڏهن ته سيپٽمبر جي بلز ۾ في  يونٽ 8 رپيا 9 پئسا اضافي اوڳاڙيا ويندا. نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ 11 رپيا 39 پئسا في يونٽ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، اٿارٽي 28 جولاءِ 2022ع تي ايف سي اي تي عوامي ٻڌڻي ڪئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.