موسمياتي تبديليون، سنڌ ۽ بلوچستان جا وڏا شهر سمنڊ حوالي ٿيڻ جو خدشو

اسلام آباد (م ڊ) موسمياتي تبديلي بابت سيڪريٽري چيو آهي ته سمنڊ 36 کان 50 سينٽي ميٽر بلند ٿي سگهي ٿو ۽ وڏا وڏا شهر ٻڏي گم ٿي سگهن ٿا. سينيٽ جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو  اجلاس چيئرپرسن سيمي ايزدي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري بريفنگ ڏني. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ شديد برساتون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته اترين علائقن ۾ گليشيئر ڳرڻ جا 18 واقعا ٿي چڪا آهن. هن چيو ته موسميات کاتي طرفان ڪئي ويندڙ اڳڪٿين کانپوءِ اين ڊي ايم اي پهرين چوماسي جي تياري لاءِ ڪانفرنس گهرائي. موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چيو ته 10 لک ماڻهو درياهن ڪناري رهندا آهن، جيڪي نڪرڻ لاءِ تيار ناهن هوندا، تنهن ڪري نقصان ٿيندو آهي. هن چيو ته اسان جيڪو ڪجهه ڏٺو، ان بابت جلد ڪابينا کي آگاهه ڪنداسين، سمنڊ 36 کان 50 سينٽي ميٽر بلند ٿي سگهي ٿو، وڏا وڏا شهر ٻڏي گم ٿي سگهن ٿا، پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ ٿي سگهي ٿي، اسان کي آبي وسيلن واري وزارت سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان چيو ته موسميات کاتو ايوي ايشن جي ماتحت آهي ۽ اهي وارننگ ڏئي ڇڏيندا آهن، حقيقت ۾ صوبن جي اندر پلاننگ جي کوٽ آهي، موسم ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ ناهي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.