مهانگائي سٽيل عوام لاءِ سٺي خبر، تيل سستو ٿيڻ جا امڪان

اسلام آباد (م ڊ) مهانگائي سٽيل عوام لاءِ سٺي خبر آهي، ڇو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. عالمي  مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ لاٿ کانپوءِ ملڪي سطح تي به پيٽروليم شين جا اگهه گهٽجڻ جو امڪان آهي، جنهن لاءِ اوگرا ورڪنگ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي اگهن بابت نئين سمري تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 15 رپيا في ليٽر تائين لاٿ جو امڪان آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ 12 ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر تائين لاٿ ٿي سگهي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين تي لاڳو ليوي ٽيڪس جي شرح کي گهٽ ڪري به عوام کي رليف ڏئي سگهجي ٿو. اوگرا طرفان نون اگهن جي حوالي سان سمري 13 آگسٽ تي ناڻي واري وزارت کي موڪلي ويندي، جنهن تي وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ 15 آگسٽ تي نون اگهن جو اعلان ٿيندو. واضح رهي ته هڪ انٽرويو ۾ مفتاح اسماعيل چيو هو ته اسان عام ماڻهو جي تڪليف کان آگاهه آهيون، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه وڌيڪ گهٽ ٿيا آهن، جنهن سان پاڪستاني عوام کي به رليف ملندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.