ڊالر جا پر ڪٽجي ويا، رپيو جي ملهه ۾ واڌ

ڪراچي (م ڊ) انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي. گذريل ڏينهن عاشوري جي موڪلن بعد ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر  جي قدر ۾ لاهو چاڙهو ڏٺو ويو ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تائين گڏيل طور تي ڊالر جي قدر ۾ لاٿ آئي. اربع ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 221.91 رپين تي بند ٿيو. خميس ڏينهن به ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر جي قدر ۾ لاٿ ڏٺي وئي ۽ ڊالر 1.91 رُپيا سستو ٿي 220 رُپين جو ٿي ويو آهي. ڪاروبار دوران ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ لاٿ آئي ۽ ڊالر 4.66 رُپيا سستو ٿي انٽر بئنڪ ۾ 217.25 رُپين جو ٿي ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.