شهباز شريف ايندڙ مهيني نريندر مودي سان ملاقات جا امڪان

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جون ايندڙ مهيني جي وچ ۾ اهم ملڪن جي سربراهن سان رسمي ۽ شيڊيول ملاقاتون ٿي سگهن  ٿيون، جن ۾ روس، چين ۽ ايران جي صدرن کانسواءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي به شامل آهي. ملاقاتون ۽ رابطا شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ ٿيندا، جيڪو 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي مسلمانن جي تاريخي ۽ ثقافتي مرڪز ثمرقند ۾ ٿيندو. وفاقي تخت گاهه جي سفارتي ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته 28 جولاءِ تي ٿيندڙ تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس، جنهن ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به شرڪت ڪئي هئي، ۾ ٿيندڙ فيصلن ۾ ان يقين جو اظهار ڪيو ويو هو ته تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ رڪن ملڪن جا سمورا سربراهه دوبدو شرڪت ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.