پارٽين کي ايڊجسٽ ڪرڻ جو دٻاءُ، ڪابينا وڌي وئي

اسلام آباد ( م ڊ) حڪمران اتحاد جي سمورين پارٽين کي ايڊجيسٽ ڪرڻ جي دٻاءُ ۾ وزير اعظم شهباز شريف جي ڪابينا جو انگ وڌي 61  تائين پهتو آهي، وفاقي وزير وڌيڪ هجڻ جي ڪري وزارتون کٽي پيون آهن. عمران خان وزير اعظم طور 52 رڪني ڪابينا ڇڏي هئي، شهباز شريف اعلان ڪيو هو ته پئسا بچائڻ لاءِ ڪابينا ۾ وڌيڪ واڌ نه ڪئي ويندي، پر شهباز پنهنجي اعلان تي عمل نه ڪيو ۽ ڪابينا ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. عمران خان جي 52 رڪني ڪابينا جي ڀيٽ ۾ شهباز ڪابينا جو انگ 61 ٿي ويو آهي، هاڻي صورتحال اهڙي ٿي وئي آهي جو اتحادي پارٽين جي وزارتن جي ڊمانڊ کي ڏسي حڪومت وٽ وفاقي وزارتون ختم ٿي ويون آهن. هن وقت وفاقي وزير 34 ۽ وفاقي وزارتن جو انگ 33 آهي، جڏهن ته جاويد اقبال ڪيترن ئي مهينن کان بنا ڪنهن قلمندا جي وفاقي وزير آهي، وزارت نه هجڻ جي ڪري چوڌري سالڪ حسين کي وزارت يا ڊويزن ناهي ڏني وئي، جڏهن کيس رڳو سيڙپڪاري بورڊ جو قلمدان مليل آهي. اهڙي نموني توانائي جي ٻن ڊويزن مان پاور ڊويزن جو قلمدان خرم دستگير جڏهن ته پيٽروليم ڊويزن جو ڪو به وفاقي وزير ناهي پر مصدق ملڪ کي وزير مملڪت جو قلمدان ڏنو ويو آهي، سعد رفيق وٽ ريلوي جي وزارت سميت هوابازي ڊويزن جو قلمدان به آهي. وزيراعظم جي مددگارن جو انگ وڌي 16 ٿي ويو ۽ رڳو ٽڻ وٽ قلمدان آهي ۽ باقي 13 خاص مددگارن وٽ ڪو به قلمدان ئي ناهي، مملڪتي وزيرن 7 ۽ صلاحڪارن جو انگ 4 آهي، عمران خان جي وزارت عظميٰ جو عهدو ڇڏڻ وقت 25 وفاقي وزير، مملڪتي وزيرن ۽ صلاحڪارن جو انگ 4، 4 ۽ خاص مددگار 19 هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.