عدالت ايف آءِ اي کي اسد قيصر خلاف انڪوائري کان روڪي ڇڏيو

پشاور ( م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جي وفاقي جاچ اداري ( ايف آءِ اي ) ۾ طلبي خلاف درخواست  تي مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت مختصر فيصلو ٻڌائيندي ايف آءِ اي کي ايندڙ ٻڌڻي تائين اسد قيصر خلاف انڪوائري کان روڪي ڇڏيو آهي. عدالت ايف آءِ اي کان ڪجهه سوالن جا جواب پڻ طلب ڪيا آهن. عدالت طرفان سوال ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪارروائي لاءِ ڪي هدايتون جاري ڪيون آهن؟ ڇا وفاقي حڪومت ايف آءِ اي کي هن ڪيس ۾ جاچ جو چيو آهي؟ ڇا پوليٽيڪل پارٽي آرڊر 2002ع ايف آءِ اي جي اختيارين واري دائري ۾ اچي ٿو؟ عدالت چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته ايف آءِ اي جو طلبي نوٽيس بدنيتي ۽ سياسي اثر رسوخ تي ٻڌل ته ناهي؟ 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.