دڙي ويجهو نوجوان جي آپگهات معاملي جي جاچ ، بيان قلمبند

دڙو  (ن ع آ) دڙي ويجهو ڳوٺ سومار سومرو ۾ 20 ورهين جي نوجوان بلاول سومرو پاڻ مٿان رپيٽر جو فائر ڪري مبينا آپگهات ڪرڻ وارو مامرو  اڃان حل ٿي نہ سگهيو آهي جڏهن ته ايس ايس پي سجاول پاران مامري جي جاچ لاءِ ايس ايڇ او صفدر سولنگي کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو. هوڏانهن انڪوائري آفيسر دڙي پهچي متاثر ڌر بلاول سومرو جي وارثن ۽ الزام هيٺ آيل پ پ ليڊيز ونگ ضلعي سجاول جي اطلاعات سيڪريٽري ياسمين سولنگي جا بيان قلمبند ڪيا ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او صفدر سولنگي چيو تہ ڪنهن سان بہ ناانصافي ٿيڻ نہ ڏينداسين ٻنهي ڌرين جا بيان قلمبند ڪرڻ کان پوءِ رپورٽ ايس ايس پي سجاول کي موڪلي ڇڏي آهي.هوڏانهن مبينا آپگهات ڪندڙ بلاول سومرو جي وارثن پاران پ پ اڳواڻ سيد شفقت شاھ شيرازي سان ملاقات ڪئي ۽ حقيقتن کان آگاھ ڪيو جڏهن ته شفقت شاھ شيرازي پاران کين مڪمل انصاف جو يقين ڏياريو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.