لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ برسات بعد ڪيترائي معصوم ٻار بيمارين ۾ ورتل

لاڙڪاڻو ( ڊ ر ) لاڙڪاڻي سميت ويجهو شهرن ۽ ڳوٺن ۾ دستن، الٽين ۽ پيٽ سيمت ٻارن ۾ ٻيون بيماريون تيزي سان ڦهلجڻ لڳيون. سوين ٻار پيڊس ايمرجنسي سينٽر تي داخل. ان حوالي سان گڏ ڪيل معلومات موجب لاڙڪاڻي، وارهه،  نصيرآبد، ڏوڪري، آريجا، قمبر، نئون ديرو ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ ٻارن ۾ دستن، الٽين ۽ پيٽ جي بيمارين تي ضابطو نه اچي سگهيو، دستن ۾ مبتلا 70 کان وڌيڪ ٻارڙن کي سندن وارثن شيخ زيد چلڊرين اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي جن جو واسطو لاڙڪاڻو، قمبر، ڏوڪري، شهدادڪوٽ، وارهه، نئون ديرو نصيرآباد، ميروخان سميت ٻين شهرن سان آهن. ان حوالي سان شيخ زيد چلڊرين اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ جي انچارج ڊاڪٽر عبدالله چانڊيو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته مسلسل برساتون پوڻ ۽ گرمي وڌيڪ هجڻ توڙي جو صفائي نه ٿيڻ ڪري ٻارن ۾ پيٽ جو سور، دست، الٽين وارين بيمارين ۾ اضافو ٿيو آهي، ڊاڪٽر مريضن جي وارثن کي هدايت ڪئي ته ٻارڙن کي گرميءَ کان بچائي صفائي سٿرائي تي ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل مريض ٻارن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي جن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

  • مٽياري ۾ ڊي سي پاران پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

مٽياري ( ڊ ر  ) صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان جي هدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد عدنان راشد پاران ضلعي جي ٽنهي تعلقن جي اسپتالن، صحت مرڪزن جو دورو، صحت کاتي مٽياري کي برساتن بعد گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين تي ضابطو آڻڻ، صحت مرڪزن ۾ گهربل  دوائن دستيابي يقيني بڻائڻ، مڇر جيت مار اسپري ڪرائڻ سميت عوام کي صحت جو ڀرپور سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هنگامي اپاء وٺڻ جون هدايتون، ڊپٽي ڪمشنر پاران ڀٽ شاهه سميت ڪجهه هنڌن تي برسات جي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ بلدياتي ادارن کي بنا دير پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻائڻ ۽ چوماسي جون برساتون ختم ٿيڻ تائين عملي سميت فيلڊ ۾ موجود رهڻ جون ھدايتون جاري ڪيون، صحيح ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي جي وارننگ

  • سکر  سنڌو درياهه جي اڪثر ڪپن تي ماڻهن گهر اڏي ڇڏيا، انتظاميا بي خبر

سکر ( رپورٽر  ) آبپاشي کاتي سکر جي نااهلي سبب سنڌو درياهه جي ڪپ بندر وال تي بااثر ماڻهن پاران قبضو ڪري فصل جي پوکائي شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اڪثر هنڌن تي مختلف برادرين جي ماڻهن پنهنجا گھر پڻ اڏي ڇڏيا آهن. انتظاميا کي معامري جي ڄاڻ هجڻ باوجود قبضا خورن خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي.ان ڏس ۾ سکر شهري اتحاد جي چيئرمين مولانا عبيدالله ڀٽو پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آبپاشي کاتي سکر جو عملو سنڌو درياهه جي ڪپ تي بااثر ماڻهن کي رشوت عيوض قبضو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ سنڌو درياهه ۾ مها ٻوڏ اچڻ کانپوءِ سکر بئراج جي ٻنهي پاسن کان بندر وال تي غير قانوني طور ويٺل ماڻهن کي معاوضو ڏئي گھر خالي ڪرايا ويا هئا، هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌو درياهه جي ڪپ تي قبضا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.

  •  ڪوٽڙي مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، شهرين پاران پاڻي ۾ ويهي احتجاج

ڪوٽڙي (ن ع آ)ڪوٽڙي برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو رھواسين جو برساتي پاڻي ۾ ويھي احتجاج ميونسپل ڪميٽي ٻولھاڙي جي مخلتف علائقن ۽ روڊ رستن مان برساتي پاڻي نيڪال ٿي نہ سگھيو مختلف هيٺاهين وارن علائقن ۾  برسات جو پاڻي گهرن۾ داخل ٿي ويو آهي ميونسپل ڪميٽي ٻولھاڙي انتظاميا پاران پاڻي جي نيڪال لاء ڪي به اپاء نه وٺڻ خلاف رهواسين  جو ٻٻر اسٽاپ تي برسات جي جمع ٿيل پاڻي ۾ ويهي  انوکو احتجاجي  مظاهرو  ميونسپل ٻولهاڙي ايڊمنسٽريٽر خلاف سخت نعربازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن مختيار چنا ،امجد مستوئي ،رزاق رند ، علي خان بڙدي سميت ٻين جو چوڻ هو ته برسات کي بند ٿيندي ڪيترا ڪلاڪ گذري ويا آھن پر سائيٽ جي سمورا روڊ رستا پاڻي هيٺ آھن جنهن ڪري سخت پريشانين کي منهن ڏي رهيا آھيون چونڊيل نمائندا ۽ ضلعي انتظاميا وار ڪرڻ بجاء غائب آهي هنن وڌيڪ چيو ته ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ جيڪو نااهلي ۽ ڪرپٽ ايڊمنسٽريٽر آهي ڪروڙين روپيه جي بجٽ هئڻ باوجود پاڻي نيڪالي لاء ڪي به اپاء نه ورتا آھي ،هنن اعلي اختيارين  کان مطالبوڪيو آهي ته فوري طور سائيٽ مان برسات جو ڪاڻي نيڪال ڪري عذاب مان ڪڍيو وڃي.

  • سنڌ ۾ برسات سبب فصلن کي ڪاپاري ڌڪ، آبادگارن کي معاوضو ڏيڻ جو مطالبو

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ۾ سانوڻيءَ جي برساتن خيرپور ۽ سکر ضلعن ۾ کجيءَ جا باغن سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڪپهه ۽ مرچن جا فصل تباهه ڪري ڇڏيا، ايوان زراعت سنڌ برسات جي تباهه ڪارين تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي سنڌ سرڪار کان فوري طور تي خيرپور ۽ سکر ضلعن سميت برسات متاثر سمورن علائقن کي بنا دير آفت سٽيل علائقا قرار ڏيڻ، روينيو کاتي کان فصلن جي ٿيل نقصان جي سروي ڪرائي نقصان جو ڪاٿو لڳائي معاوضو فراهم ڪرڻ، ڍل، آبيانو، بئنڪ جي قرض سميت سموريون سرڪاري وصوليون معاف ڪرڻ ۽ سنڌ مان پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن تان قبضا هٽائي پاڻي نيڪال جا رستا ڪليئر ڪرائڻ جا مطالبا ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي ڪالهه ايوان زراعت سنڌ جي هيڊڪوارٽر حيدرآباد مان برسات جي تباهه ڪارين جي حوالي سان پنهنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ سانوڻيءَ جي برسات راڱا ڪري ڇڏيا آهن، لڳاتار شديد برساتن جي ڪري خيرپور ۽ سکر ضلعن ۾ 95 سيڪڙو کجيءَ جا باغ تباهه ٿي ويا آهن، جنهن سان ٻنهي ضلعن جي کجيءَ جي آبادگارن کي اربين رپين جو نقصان ٿيو آهي، اهڙي طرح ڏکڻ سنڌ ۽ وچولي سنڌ ۾ پڻ برسات سبب ڪپهه، سارين جي ٻيجاري ۽ مرچن سميت ٻين فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، جنهن سان سنڌ جي زرعي معيشت کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي، سنڌ جو آبادگار هن وقت شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيندي فوري رليف لاءِ سنڌ سرڪار ڏانهن واجهائي رهيو آهي، هنن خيرپور ۽ سکر ضلعن ۾ کجيءَ جا باغ تباهه ٿيڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته ٻنهي ضلعن کي آفت سٽيل ضلعا قرار ڏئي اتي فوري طور تي رليف شروع ڪري روينيو کاتي سنڌ کان ٿيل نقصان جي سروي ڪرائي کجيءَ جي آبادگارن کي فوري طور رليف مهيا ڪيو وڃي ۽ انهن جا ڍل، آبياني، بئنڪ جي قرض سميت ٻيا سمورا سرڪاري قرض ۽ وصوليون معاف ڪيون وڃن. ايوان زراعت شديد برساتن سبب سڄي سنڌ ۾ ڪپهه، مرچن ۽ ڀاڄين جي فصلن کي ٿيندڙ نقصان تي پڻ سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت کان اهو پڻ مطالبو ڪيو ته سمورن برسات متاثر علائقن ۾ نقصان جو جائزو وٺي ازالو ڪيو وڃي ۽ آبادگارن جا سمورا بئنڪ قرض، ڍل، آبيانو ۽ ٻيون وصوليون معاف ڪيون وڃن. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ سمورا پاڻي جا قدرتي لنگهه، خاص ڪري ڍورو، ڍورو پراڻ ۽ ايل بي او ڊي تان حدخليون ختم ڪري برساتي پاڻي نيڪال کي رستو ڏنو وڃي، ايل بي او ڊي تي گذريل 4 سالن کان کاٽي سميت ٻيو ڪم ناهي ٿيو، جنهن تي ايوان زراعت کي سخت ڳڻتي آهي، ايل بي او ڊي اٿلڻ سان آبادگارن جو تمام گهڻو نقصان ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.