دريا خان مري لڳ نالي مان تشدد ٿيل لاش هٿ، شڪ ۾ عورت ۽ همراهه گرفتار

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري جي وارڊ نمبر 3 وسطي مسجد وٽ گندي پاڻي جي ناليءَ  مان نوجوان دل نواز عرف سونو ورياھ جو لاش ھٿ آيو شھرين جي اطلاع تي دريا خان مري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي ايمبولينس نه ھجڻ ڪري پوليس موبائل ۾ لاش رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري پھچايو، اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم بعد لاش فوتي جي والده جميلان حوالي ڪيو ويو، ھوڏانھن دريا خان مري پوليس ھٿ آيل لاش واري ھنڌ کان پيرا کڻي بيواھ عورت برڪتي آرائين جي گھر پھتي گھر جي ڇت تي رت ۽ رھڙن جا نشان ۽ ڇت جون ڪريل سرون ڏسي پوليس ھڪ عورت نسيم عرف پپو ۽ محمد اسحاق راجپوت کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو پوليس موجب نوجوان جي ڪپڙن مان موبائل فون پڻ ھٿ آئي آھي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آھي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر شوڪت راڄپر موجب نوجوان کي مٿي ۽ پٺيءَ  ۾ ڌڪ لڳل آھن نوجوان کي دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب سندس موت واقع ٿيو آھي ھوڏانھن چوٻول ھلي رھيا آھن ته نوجوان کي پنھنجي گھران بلال جٽ نالي نوجوان رات دير سان ساڻ وٺي ويو جنھن بعد صبح سويل نوجوان جو گندي پاڻي جي ناليءَ  مان لاش مليو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.