صحافي عماد يوسف خلاف فوجداري قلم خارج ڪري آزادي جو حڪم

ملير (رپورٽ جميل چانڊيو) نجي ٽي وي چينل اي آر واءِ جي نيوز هيڊ عماد يوسف جي گرفتاري بعد کيس ملير جي عدالت جوڊيشل مئجسٽريٽ2 ۾ پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي عدالت جي ٻاهران وڏي انگ ۾ پوليس کي مقرر  ڪيو ويو هو، جوڊيشل مئجسٽريٽ2 جي عدالت ۾ عماد يوسف جو وڪيل نعيم قريشي پيش ٿيو، ان موقعي تي جاچ پوليس پاران عدالت کي جسماني رمانڊ لاءِ استدعا ڪئي وئي، جڏهن ته ملزم جي وڪيل نعيم قريشي پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته عماد يوسف جو نالو ڪيس ۾ بد نيتي تي مشتمل آهي عماد يوسف پوري معاملي ۾ ڪوبه ڪردار نه آهي هڪ واقعي جون هڪ کان وڌيڪ ايف آءِ آر نه ٿيون ٿي سگهن، ضابطا فوجداري جي قلم 63 تحت ڪيس خارج ڪيو وڃي، ان موقعي تي عدالت استدعا منظور ڪندي عماد يوسف جو نالو ڪيس مان خارج ڪري هڪ لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، جنهن بعد عدالت ۾ هڪ لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ بعد عماد يوسف کي آزاد ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.