سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙي زراعت کي تباهه ڪيو ويو: لال جروار

حيدرآباد (پ_ر) برساتن دوران حڪمرانن جي ناقص انتظامن سبب سنڌ جي اڳ ۾ ئي تباهه حال زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. حڪمران ٻوڏ  متاثر  بي يارو مددگار ڇڏي، پاڻ گم ٿي ويا آهن. سنڌ کي بوڏ سٽيل قرار ڏئي، تباهه ٿيل فصلن جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ عمراهه سمون پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته ملڪ جي حڪمرانن سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو آهي.  ڪجهه وقت اڳ سنڌ جا ماڻهو اڃ وگهي مري رهيا هئا، فصل سڪي ويا هئا، پر سنڌ جو پاڻي بند ڪري، ڊيم ڀري، پنجاب جون نيون زمينون آباد ڪيون پئي ويون ۽ هاڻي وري سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙائڻ لاءِ درياءَ جو پاڻي وقت تي سنڌ ۾ ڇوڙ ڪرڻ بدران ڊيمن کي ٽٻ ٽار ڪيو پيو وڃي ۽ پوءِ اچانڪ وڏي مقدار ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري سنڌ کي راتو رات ٻوڙائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. بلوچستان ۾ به تباهي ڊيمن جي ڦاٽڻ سبب آئي ۽ سنڌ کي به ڊيمن جي زخيرو ٿيل پاڻي ذريعي ٻوڙائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ بچاءَ بندن جي ڪپن جي مرمت جا پئسا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا جنهن سبب بندن کي گهارا لڳي رهيا آهن ۽ فصلن کي ڪاپاري نقصان پهتو آهي ته چوپائي مال توڙي ماڻهن جون زندگيون به خطري ۾ آهن پر سنڌ حڪومت عوام جي واهر ڪري، فصل جي نقصان جو ازالو ڪرڻ بدران گم ٿي وئي آهي. جڏهن ته فصلن کي نقصان به حڪمرانن جي نااهلي سبب ٿيو آهي. برسات متاثرن لاءِ وزيراعظم جي موڪليل خاص ٽيم به متاثرن جي واهر ڪرڻ بدران مقامي وڏيرن جا شاهي طعام کائي، متاثرن جي ڦتڻ تي لوڻ ٻرڪي هلي وئي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ برساتن سبب زراعت ۽ چوپائي مال جي ٿيل نقصان جو هنگامي بنيادن تي ازالو ڪيو وڃي ۽ جن ڳوٺن جا شهرن سان رابطا ڪٽجي ويا آهن، اتان جي ماڻهن کي هنگامي بنيادن تي ريسڪيو ڪري، کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري، سندن کاڌ خوراڪ ۽ دوائن جو بندوبست ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.