لاڙڪاڻي مان ذهني مريض نينگر گم ٿي ويو

لاڙڪاڻو( ڊ ر ) لاڙڪاڻي مان 9 سالن جو ذهني مريض نينگر گم ٿي ويو، وارثن ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شھر جي  بيت المال ڪالوني واري علائقي جو رهواسي 9 سالن جو نينگر ساحل پٽ ياسين ڪورائي گهران نڪرڻ بعد پراسرار نموني گم ٿي ويو جنهن جي وارثن مختلف علائقن ۾ ڳولا ڪرڻ سان گڏ حد جي دڙي ٿاني جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو پر ان جي باوجود نينگر جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. ان حوالي سان نينگر جي پيءُ ياسين ڪورائي ٻڌايو ته منهنجو پٽ ساحل ڪورائي جو ذهني توازن درست ناهي جيڪو ڪالهه صبح جي وقت گهران نڪرڻ بعد گهر واپس ڪو نه موٽيو جنهن کي مٽ مائٽن توڙي علائقي جي مختلف علائقن ۾ ڳولا ڪرڻ سان گڏ پوليس کي به اطلاع ڏنو پر ڪٿي به سندس جو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي تنهن ڪري سمورا گهر ڀاتي سخت اذيت ۾ مبتلا آهيون. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.