ٽنڊو الهيار لڳ جيپ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت

ٽنڊوالهيار  (ڊ ر ) ٽنڊوالهيار ويجهو ڪيريا شاخ باء پاس روڊ تي پوٺوھار جيپ جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾  ڳوٺ بچل خان پتافي جو رهواسي 28 سالا غلام رضا پتافي موقعي تي فوت ٿي ويو. جنهن بعد بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جيپ ۽ ڊرائيور کي پنهنجي حراست ۾ وٺي لاش سول اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو ٻڌايو وڃي پيو ته نوجوان شادي شده ۽ ٻن ٻارڙن جو پيء هو جيڪو ٽنڊوالهيار هوٽل تي مزدوري ڪرڻ لاء اچي رهيو هو ته رستي ۾ هي حادثو پيش آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.